اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشميري عوام ڀارتي جارحيت سبب پنهنجي سياسي ۽ ثقافتي سڃاڻپ وڃائي رهيو آهي ان ڪري گڏيل قومون ڪشميرين سان ڪيل وعدو پورو ڪري استصواب راءَ ڪرائي. پرڏيهي وزير اهڙو اظهار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي يادگيري لاءِ موڪليل پنهنجي هڪ خط ۾ ڪيو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو آهي ته ڀارت خطي ۾ امن ۽ سلامتي کو شديد خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادي جي مداخلت پڻ ڪري رهيو آهي، جيڪي گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهن، مخدوم شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو رهيو آهي ته ڀارت ڪشميري عوام جي نسل ڪشي ۽ ڪشمير ۾ اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهيو آهي، ڪشميرين کان زمين ڦري غير ڪشميرين کي ڏني پئي وڃي، جنهن سبب ڪشميرين جي سياسي ۽ ثقافتي سڃاڻپ متاثر ٿي رهي آهي.
221