اسرائيلي وزيراعظم ۽ ابوظهبي جي ولي عهد امن واري نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. عالمي سطح تي مختلف شعبن ۾ اهم ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ماڻهن کي انعام سان نوازيندڙ اداري طرفان هن سال وارن انعامن جي لسٽ ۾ امن واري ڪئٽيگري ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ابوظهبي جو ولي عهد محمد بن زيد النهيان کي امن واري نوبل انعام لاءِ بوبل انعام يافته لارڊ ڊيوڊ ٽرمبل طرفان نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن جي منظووري لاءِ سفارسي درخواست نوبل انعام ڪميٽي وٽ جمع ڪرائي وئي آهي، ٻنهي ڄڻن کي امن وارو نوبل انعام ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي تعلق بحال ڪرڻ تي ڏنا پيا وڃن
167