290

شاعرن جي اکين جو تارو تنوير عباسي…

ليکڪ: غنضنفر سولنگي

شاعري انسان جي اندر جي اڌمن جو نالو آهي جيئن ماڪ ڦڙا صبح جي تازگي جو احساس ڏياريندا آهن ائين ماڻهو جي من  ۾ متل موجون شاعري ۽ نثر جي صورت ۾ نڪري نروار ٿينديون آهن، پنهنجي پاڙي جو اهڙو ئي هي ليکڪ هو اسانجي تنوير عباسيءَ جو اصل نالو ”نور نبي عباسي“ هو ۽ سندس’تنوير‘ تخلص رهيو. خيرپور ضلعي  جي تعلقي سوڀوديري ۾ گل حسن عباسي جي گهر ۾ 7ڊسمبر 1934ع تي جنم ورتو، پرائمري تعليم نوشهري فيروز ۾ حاصل ڪيائين. ٻيئن درجي کان مئٽرڪ تائين ڪراچيءَ ۾ پڙهيو، 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ايم بي بي ايس جو امتحان پاس ڪيائين. تنوير عباسيءَ جو پهريون شعر ”فنڪار“ (حيدرآباد) ۾ 1950ع ۾ ڇپيو. ’تنوير‘ کان اڳ پاڻ ”مغموم“ تخلص استعمال ڪندا هيا. سندس پهريون شعري مجموعو ”رڳون ٿيون رباب“ 1958ع ۾ ڇپيو. تنوير عباسي شاعري کانسواءِ تحقيق،  ترتيب، اڀياس، سفرناما ۽ ترجما پڻ ڪيا. انهيءَ کانسواءِ پاڻ هڪ ڪهاڻي ”لوئي“ پڻ لکيائين، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي سٺين ڪهاڻي ۾ شمار ٿئي ٿي، اها  ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپي. سندس ڪجهه شاعري انگريزي، پنجابي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپي آهي. تنوير عباسي ڪيترن ئي ادبي ادارن جو صلاحڪار ميمبر ۽ عهديدار پڻ رهيو، جن ۾ سچل چيئر، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جو صلاڪار ۽ ڊائريڪٽر ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي سچل اڪيدمي خيرپور، ميمبر-بورڊ آف ايڊوائيزر سنڌالاجي، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ميمبر ريجنل ايڊوائيزري ڪاميٽي ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ سيڪريٽري ”سچل يادگار ڪميٽي سنڌ“ شامل آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي، شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ سچل چيئر جو خيال ڏيندڙ ۽ اُن جو سربراهه رهيو ۽ سنڌي شعبي ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي اسڪروٽني ڪاميٽي جو ميمبر ۽ اعزازي ليڪچرار پڻ رهيو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ 1966ع کان 1969ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل پڻ رهيو، شاهه لطيف جي زندگيءَ ۽ سچل سرمست جي شعر تي گهڻو تحقيقي ڪم ڪري پاڻ مڃايو هو. تنوير عباسي هڪ ويٽنامي ناول ”جي ماريا نه موت“ جو ترجمو پڻ ڪيو ھيو جنهن جو پهريون ڇاپو 1973ع ۾ ڇپيو، هن ناول جا ڇا ته آخري لفظ آهن.”مون کي قبول آھي-“ مون پاڻ کي چيو، ”تُروئِي! منھنجا سرتاج! منھنجا ساٿي! مان توسان انجام ٿي ڪيان ته جھڙي طرح تو زندگي گذاري آھي، آخري ساھه تائين مان تنھنجي پيروي ڪنديس!“ تنويرعباسيءَ جا ٻه سفرنامه ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ (1984ع) ۽ ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“ (2000ع) ۾ شايع ٿيا هيا. تنوير صاحب بنيادي طور تي شاعر هو شاعريءَ جي  سفر جي شروعات ”مغموم“ تخلص استعمال ڪري ڪئي پاڻ  پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي ته اسلوب سان ۽ انداز سان لکيو جو هر هنڌ واھه واھه ٿي پئي. ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي پهرينءَ شعري مجموعي ”رڳون ٿيون رباب“ جي مهاڳ ۾ لکيو هيو ته ”پنهنجي ٿوري عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو وائٺو آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين آڏو گذريا آهن، جيڪي ڪجهه به منهنجي احساس کي اُٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو آهي، جنهن به نظاري اکين کي آرام ڏنو اٿم، ان کي ڪوشش ڪري، اهڙيءَ ريت لکيو اٿم، جيئن ٻين جي دل ۾ به اهڙا ئي احساس اُٿن ۽ اهڙائي جذبا جاڳن، جيڪي منهنجي دل ۾ جاڳيا، جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾، ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا ٻاري سگهيس ته منهنجو جيئڻ سجايو ٿيو.“ سندس شعرن جا پنج ڪتاب ڇپيا، جن ۾ ”رڳون ٿيون رباب“ (1958ع)،”شعر“ (1970ع)، ”سج تريءَ هيٺان“ (1977ع)، ”هي ڌرتي“ (1985ع). سندس آخري شاعري جو مجموعو ”ساجن سونهن سرت“ (1996ع) آيو.  تنوير عباسيءَ جي مٿئين ادبي، تحقيقي ۽ شعري ڪتابن کانسواءِ ڪجهه ٻيا به ڪتاب ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ٻاراڻو ٻول (چونڊ ۽ ترتيب 1973ع)، ”جديد سنڌي شاعري (1981ع)، ”تِرورا“ (خاڪا، يادگيريون، انٽرويو ۽ سفرنامو-1988ع)، ”منهن تنين مشعل“ (خاڪا-1990ع). سنڌي ٻوليءَ جي هن محقق ۽ شاعر 25 نومبر1999ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرام گاھه پڻ اسلام آباد ۾ ئي آهي.

 ”ٻريا ٻه پل پر وسامڻ کان اڳ ۾،

هزارن چراغن کي ٻاري ڇڏيوسين“.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو