ليکڪ: سهيل وڙائچ
اچو ته فرض ڪريون ته سڄي اپوزيشن ليڊرشپ کي جيلن ۾ بند ڪيو وڃي ٿو، انهن سڀني خلاف ڪرپشن ڪيسن ۾ فيصلا به ٿي وڃن ٿا، ملڪ ۾ مخالف ڌر جو ڪو به وڏو ليڊر نه جلسا ڪري ٿو، نه پريس ڪانفرنس، هر طرف صرف حڪومت ئي حڪومت نظر اچي ٿي، (ن) ليگ، پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ سميت 11 جماعتي اتحاد پي ڊي ايم جي حق ۾ هڪ به آواز نٿو اٿي، جيڪو تحريڪ انصاف چاهي ٿي، اهو ئي ڪري ٿي، ملڪ ۾ مخالف ڌر ختم ٿي وڃي ٿي، فرض ڪريو ائين ٿئي ته ڇا ملڪ جا سمورا مسئلا حل ٿي ويندا؟ ڇا مهانگائي، ناڻي ۾ واڌ، بجيٽ جو خسارو، سرڪلر ڊيٽ ۽ قرضن تي وياج جو سلسلو ختم ٿي ويندو؟ ڇا ڪو به هوشمند ماڻهو اهو اقرار ڪندو ته مخالف ڌر جي ئي ڪري سڄا مسئلا آهن؟ مسئلا ته اڳ کان موجود آهن ۽ جيستائين انهن کي حل نٿو ڪيو وڃي اهي موجود رهندا، اچوته باقي دنيا جو جائزو وٺي وٺون، ڀارت ۾ مخالف ڌر آهي، روس جهڙي آمراڻي ملڪ ۾ به مخالف ڌر جو آواز موجود آهي، جمهوري ملڪن ۾ جتي حڪومتون پنهنجون ڪم ڪندي نظر اچن ٿيون، اتي اپوزيشن به پوري زور ۽ شور سان ڪار فرما نظر اچي ٿي، حڪومتون مخالف ڌر جي حڪومت مخالف سرگرمين کي برداشت ڪنديون آهن ۽ گڏوگڏ اهڙي حڪومت ڪنديون آهن، جو عوامي مسئلا حل ٿين، عوام جي ڀلائي لاءِ نوان نوان منصوبا پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، افسوس اهو آهي ته پاڪستان ۾ حڪومت هر مسئلي کي حل ڪرڻ بدران ان جو طعنو مخالف ڌر کي ڏيڻ جو بهانو اختيار ڪري ورتو آهي، ان سان وقت ته ٽري وڃي ٿو پر مسئلن طرف اڳڀرائي نٿي ٿي سگهي.
اچو ته هلندڙ حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺون ۽ اهو به ڏسون ته مخالف ڌر ڪيستائين هن حڪومت جي پرفارمنس ۾ رڪاوٽ بڻي آهي، سچ ته اهو آهي ته اپوزيشن پنهنجي تقريرن کانسواءِ نه ته حڪومت جي قانون سازي روڪي سگهي آهي، بي اعتمادي کڻي آئي ته سينيٽ ۾ اڪثريت باوجود مخالف ڌر هارجي وئي ۽ حڪومت کٽي وئي، ان مان صاف طور تي ثابت ٿئي ٿو ته مخالف ڌر سواءِ ڀڀڪين جي حڪومت جو رستو روڪڻ ۾ ڪٿي به ڪامياب نه وئي آهي، جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ حڪومت ڪهڙي مخالف ڌر کي پنهنجي ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ ۽ مسئلا حل نه ٿيڻ جو بهانو ٺاهي ڏيکاري سگهي ٿي؟ ڊسمبر ۽ جنوري کي اپوزيشن پنهنجي احتجاجي تحريڪ جي فيصلا ڏيندڙ قدمن لاءِ طئه ڪري ڇڏيو آهي، انهن مهينن ۾ لاهور جو جلسو ٿيندو ۽ پوءِ معاملو لانگ مارچ طرف ويندو، حڪومت جي طرفان اڃا تائين سواءِ وٺ پڪڙ جي ڪا به حڪمت عملي نظر نه پئي اچي، اميد اها آهي ته لانگ مارچ کان اڳ هر صورت ۾ ڳالهيون ٿينديون، بهتر ته هو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ڪنهن دٻاءَ کانسواءِ ڳالهيون ڪن ها، پر جڏهن حڪومت تي لانگ مارچ جو دٻاءَ پوندو ته لازمي طور تي ڳالهين لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. ماضي جي تجربن مان ثابت ٿئي ٿو ته صوبائي حڪومتون لانگ مارچ کي روڪين نه ٿيون، پر اسلام آباد وڃڻ ڏين ٿيون ۽ پوءِ سڄو دٻاءَ اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي اسٽيبلشمينٽ تي اچي وڃي ٿو ته اهي ڪيئن عوام جي ان وڏي تعداد کي گهر واپس موڪلين، ان ڪري ان ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته لانگ مارچ کان اڳ اسٽيبلشمينٽ ڌرين يعني حڪومت ۽ مخالف ڌر کي مجبور ڪري ته اهي گرينڊ نيشنل ڊائلاگ جي حوالي سان ڳالهيون ڪن، ڇو ته جيڪڏهن لانگ مارچ واقعي ٿيندو ته پوءِ سڄو دٻاءَ حڪومت تي نه پر ٽئين ڌر تي هوندو ۽ ٽئين ڌر نه چاهيندي ته مولانا خادم رضوي جي مذهبي ڌرڻن کانپوءِ هاڻ سياسي ڌرڻن کي ختم ڪرڻ لاءِ به اها ڳالهيون ڪري، تحريڪ انصاف جي اڪثريتي حامين جو خيال آهي ته ڳالهين جو مقصد اپوزيشن لاءِ اين آر او کانسواءِ ڪجهه به نه آهي ۽ اهو بلڪل غلط خيال آهي، ڳالهيون، ڏي وٺ ۽ ڪجهه ڏيو، ڪجهه وٺو جي بنياد تي ٿينديون آهن، منهنجي خيال ۾ به ڳالهين جو پهريون نقطو حڪومت جو 5 سال مدو پورو ڪرڻ هوندو، مطلب ته مخالف ڌر کي ڳالهين جي پهرئين مرحلي ۾ ئي اهو مڃڻو پوندو ته هو باقي 3 سال تحريڪ انصاف جي حڪومت کي هلڻ ڏين، ٻئي طرف حڪومت کي ايندڙ چونڊن جي حوالي سان قانونسازي تي اهڙي آڇ ڪرڻي پوندي جنهن سان مخالف ڌر کي اهو احساس ڏياري سگهجي ته انهن جو به نظام ۾ حصو آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ کين منصفاڻي طور تي حصو وٺڻ جو موقعو ڏنو ويندو.مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناڻي واڌ ماڻهن جو حال هيڻو ڪري ڇڏيو آهي، مسئلو صرف اهو آهي ته عوام جا جذبا اڃا اٻرڻ واري حد تي نه پهتا آهن، عام طور تي ڪو به غير متوقع واقعو يا حادثو ماڻهن جي جذبن کي مهميز ڏئي ڀڙڪو ڏيندو آهي ۽ حڪومتن کي اهڙي منزل کان ڊڄڻ گهرجي، ڇو ته جڏهن ماڻهن جا جذبا اٻرڻ جي سطح تي پهچي وڃن ٿا ته پوءِ کين ٿڌو ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو، عام طور تي پوءِ اهو اٻار حڪومت کي لاهي ئي ٿڌو ٿئي ٿو، تحريڪ انصاف ۽ وزيراعظم عمران خان خوش قسمت آهن، سندن خلاف مڊل ڪلاس جا جذبات ڀريا پيا آهن پر لوئر ڪلاس سندن ايترو خلاف نه آهي، عام طور تي تحريڪن جي شروعات هيٺين ۽ پيڙهيل طبقي طرفان ٿيندي آهي ۽ پوءِ مڊل ڪلاس ان ۾ شامل ٿي وڃي ٿو، اهي پيڙهيل طبقا جيڪي پيپلزپارٽي جي پنجاب مان غائب ٿيڻ کانپوءِ سياسي طور تي بي آسرا ٿي ويا هئا، انهن کي ڪپتان جو غريبن جي همدردي وارو آواز پسند آيو آهي ۽ هن وقت تحريڪ انصاف لاءِ اهو ئي هڪ واحد سياسي مثبت اشارو آهي، عمران خان لاءِ مڊل ڪلاس ۽ ڪارپوريٽ ڪلاس جي جيڪا به همدردي هئي ان ۾ گهٽتائي آئي آهي پر غريب طبقن ۾ سندس اپيل وڌي آهي، بزنس مڊل ڪلاس ۾ عمران خان اڃا غير مقبول آهي، ٻئي طرف (ن) ليگ جو الميو اهو آهي ته ان جا حامي ووٽر ووٽ ته (ن) ليگ کي ڏئي ڇڏيندا پر اهي پارٽي لاءِ بازار ۾ نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، اهي هلڪي آواز ۾ (ن) ليگ جي دور جي تعريف ته ڪندا پر عمران خان دور جي خاتمي لاءِ پنهنجو دڪان هڪ ڏينهن به بند ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا، مسلم ليگ (ن) جو ووٽر اهو چاهي ٿو ته ڪاش ڪو اهڙو رستو نڪري اچي جنهن سان ان جي ليڊرشپ جو اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ٿي وڃي ته جيئن (ن) ليگ ٻيهر اقتدار جي گهوڙي تي سوار ٿي پوي، پر ٻئي طرف ان ووٽر جو تضاد اهو به آهي ته ان کي مزاحمتي بيانيي جي باوجود پسند صرف نواز شريف آهي، اهي مفاهمتي بيانيي جي شهباز شريف سان همدردي ته رکن ٿا پر نواز شريف کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن، فرض ڪيو اهو سڀ ڪجهه ائين رهيو ته پوءِ حالتون نه سڌريون پر خراب ئي رهنديون.