ليکڪ: وسعت الله خان
ٿورو سوچيو ته جيڪڏهن ڪورونا وبا دوران عمران خان بدران نواز شريف يا يوسف رضا گيلاني وزيراعظم هجن ها ۽ ڪورونا کان عوام کي بچائڻ لاءِ 300 ماڻهن کان وڌيڪ واري ميڙاڪي ۽ جلسن تي پابندي لڳائين ها ته ڇا مخالف ڌر جو پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران خان عوامي مفاد ۾ حڪومت خلاف پنهنجي عوامي رابطا مهم وبا جي ٽرڻ تائين ختم ڪري ڇڏي ها؟ هڪ سيڪڙو امڪان آهي ته ها عمران خان ڪورونا سبب جلسن ۽ جلوسن جي سياست وقتي طور تي حڪومت جي چوڻ تي ملتوي ڪري ڇڏي ها پر 99 سيڪڙو امڪان آهي ته هو اڄ جي پي ڊي ايم وانگر چوي ها ته جيئن ته حڪومت جا هٿ پير ڏڪي ويا آهن، ان ڪري اها ڪورونا جي آڙ ۾ اسان مٿان سياسي داغ لڳائڻ چاهي ٿي، ”گو نواز گو“
اوهان ڀلي ڪنهن به جينياتي ليب مان چيڪ ڪرايو، عوام هجي يا اهلِ سياست ذهني ڊي اين اي هڪ جهڙو ئي نڪرندو، اسان ڳڙ به کائينداسين پر کنڊ جي خراب اثرن تي ڀاشڻ ڏينداسين، ان ڪري ڪنهن به لفظ ۾ ڪا تاثير ۽ ڪنهن به حڪم جي پويان لاڳو ڪندڙ ڪا اخلاقي قوت باقي نه رهي آهي، سڀني وٽ پنهنجي ڪرتوتن جا جواز ته گهڻا آهن پر مثال بڻجڻ لاءِ ڪو به راضي نه آهي، جڏهن پاڪستان ۾ فيبروري جي آخر ۾ ڪورونا جي پهرين لهر آئي ته سنڌ حڪومت مڪمل لاڪ ڊائون ۾ اڳڀرائي ڪئي، پر وفاق ۾ وزيراعظم کان وٺي ان جي وزيرن ۽ مشيرن تائين سڀني گوڙ شروع ڪري ڇڏيو ته مڪمل لاڪ ڊائون اسان جهڙن ملڪن لاءِ موزون نه آهي، غريب جيڪڏهن ڪورونا سان نه مئو ته بک وگهي مري ويندو، پر پوءِ عقل عارضي سوڀ ٿي ۽ وفاقي حڪومت به لاڪ ڊائون ۽ پوءِ جزوي لاڪ ڊائون ۽ پوءِ وري سمارٽ لاڪ ڊائون جي اهميت تي قائل ٿيندي وئي، ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ ٻين علائقائي ملڪن جي نسبت سان ڪورونا جا اثر ۽ موت جي شرح ڪنٽرول ۾ رهي، هجڻ اهو گهرجي ها ته ان ماڊل تي مسلسل عمل ڪيو وڃي ها ته جيئن ڪورونا جي ٻي لهر سان به سٺي طريقي سان منهن ڏئي سگهجي ها پر جڏهن مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم آڪٽوبر ۾ ڪورونا جي ٻي وبا جي شروعات باوجود جلسن جي سياست شروع ڪئي ته حڪومت پنهنجي ئي ٺاهيل ايس او پيز تي عمل ڪرڻ بدران پنهنجي سياسي قوت ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو، اسلام آباد جي کچاکچ ڀريل ڪنوينشن هال ۾ وزيراعظم يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪيو، سوات ۽ حافظ آباد ۾ جلسا ڪرايا ۽ پوءِ گلگت بلتستان جي چونڊ مهم شروع ٿي وئي، هي اهو علائقو آهي جتي سرڪاري انگن اکرن مطابق سنڌ ۽ پنجاب کانپوءِ ڪورونا سڀ کان وڌيڪ زور ڏيکاريو آهي پر ڇا اقتداري ڌر ۽ ڇا مخالف ڌر، سڀ جلسن واري ڊوڙ ۾ ڪڏي ڪاهي پيا.
جيئن ئي چونڊ عمل مڪمل ٿيو ته وفاقي حڪومت کي اوچتو ياد اچي ويو ته ملڪ ڪورونا جي ٻي لهر جي لپيٽ ۾ آهي ۽ وزيراعظم پي ٽي آءِ جي اجتماعي سياسي سرگرمين کي رضاڪاراڻي طور تي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هاڻ ڪو ٻڌائي ته ان رضاڪاراڻا اعلان ۾ ٻين پارٽين لاءِ مثالي بڻجڻ جي ڪيتري قوت باقي رهي هوندي.سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت به ڪورونا جي ٻي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ باقي صوبن وانگر ايس او پيز جاري ڪيا، ان باوجود ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جو جلسو وڏي پئماني تي هلال قرار ڏنو ويو ۽ پوءِ وري ڪورونا جي رهيل ڪسر لاهور جي تاريخ جي سڀ کان وڏي جنازي نماز پوري ڪري ڇڏي، يقينن ان اجتماع کي روڪڻ ممڪن نه هو پر ڇا پنجاب حڪومت مڙئي ڪوڙ ڪوڙ جو صحيح جنازي جي منتظمين کي اپيل ڪئي ته ڪورونا کان عام ماڻهن کي بچائڻ لاءِ پنهنجي حامين کي گهٽ ۾ گهٽ ماسڪ پائي شرڪت ڪرڻ جي ئي درخواست ڪري ڇڏيو.
اهو حال صرف پاڪستان جو ئي نه آهي، سرحد پار انڊيا ۾ بهار جي رياست جي تازين چونڊن ۾ وزيراعظم مودي سميت هر پارٽيءَ جي اڳواڻن لکن جي جلسن کي ديوانن وانگر خطاب ڪيو، جيتوڻيڪ آمريڪا کانپوءِ انڊيا ڪورونا متاثر ملڪن ۾ ٻيو وڏو ملڪ آهي، خود ٽرمپ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ ۾ چونڊ جلسن کي خطاب ڪرڻ آخري وقت تائين ترڪ نه ڪيو، مطلب اهو ٿيو ته هر جاءِ تي عام ماڻهو اهو خام مال آهي، جيڪو سياسي مصنوعات ٺاهڻ ۽ چمڪائڻ جي ڪم اچي ٿو، فرق آهي ته بس ايترو ته اسان جهڙن ملڪن ۾ عام ماڻهو ٽڪي ۾ ٽوڪري جي حساب سان موجود آهي ۽ ترقي وارن ملڪن ۾ هڪ ڊالر ۾ هڪ ماڻهو ملي ٿو.