190

ڪشمور واقعو: بهادر پوليس آفيسر محمد بخش جون خدمتون ڪراچي پوليس حوالي، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪشمور ۾ ٻارڙي سان زيادتي واري ڪيس ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ واري ڪشمور پوليس جي بهادر پوليس آفيسر اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر محمد بخش جون خدمتون سنڌ حڪومت ڪراچي پوليس حوالي ڪري ڇڏيون آهن  جنهن جي ڪشمور کان ڪراچي بدلي ڪئي وئي آهي، اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق اي ايس آءِ محمد بخش کي ڪراچي جي پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ مقرر ڪيو ويو آهي جتي هو پوليس جوانن کي تربيت ڏيندو. ياد رهي ته محمد بخش ٻارڙي سان زيادتي واري ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پنهنجي ڌي جي جان خطري ۾ وجهي رڪارڊ  قائم ڪيو هو. جنهن تي پوليس آفيس کي سنڌ حڪومت طرفان شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي هئي ۽ سندس مان ۾ شاندار تقريب منعقد ڪري کيس انعامن سان نوازيو ويو هو. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان به اي ايس محمد بخش کي فون ڪري مبارڪباد ۽ شاباس ڏني هئي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو