292

ڪاڇي ۾ ڪنڀارڪو ڪم زوال جو شڪار، ٺڪر جا ٿانوَ ٺاهيندڙ پورهيت فاقاڪشي تي مجبور

ڊرگهه بالا(ن سوڀ) سنڌ سميت ڪاڇي ۾ مڃتا ماڻيندڙ چيڪي مٽي مان ٺھندڙ ٺڪر جا مٽ، دلا، ڪونڊا، ناديون،گهگهيون ۽ ٻين ٿانوَن جو ڌنڌو  زوال تي پهچي ويو آهي، ديس توڙي پرديس ۾ مشهور ڌنڌي جي اهميت گهٽجڻ ڪري  ڪاريگر مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن، گذريل ٽن چئن ڏھاڪن  کان ڪم ڪندڙ ڪنڀار ٿانوَن جي اهميت نه وڌڻ ڪري فاقاڪشي ڪٽڻ ۽ غربت جي لڪير هيٺ زندگي گهاري رهيا آھن. ڪاڇي جي مهڪندڙ  خوشبو  ڀري مٽيءَ مان ٺھيل ٿانوَ جيڪي شديد گرمين جي موسم ۾ فرج جهڙو ٿڌو پاڻي رکندڙ مٽ، دلا،گهگهيون، ناديون، ڪاڇي واسين لاءِ بغير بجلي جي فرجن جهڙي سهولت ڏيندڙ ۽ پاڻي ٿڌو رکڻ جي صلاحيتن هجڻ باوجود اهي ٿانوَ اهميت ۽ مارڪيٽن تائين رسائي نه هئڻ سبب ٺھڻ گهٽجي ويا آهن، هوٽلن، گهرن، اوطاقن، تي پيل مٽ، دلا ۽ گُهگهين ۾ پاڻي رکڻ  بدران فرج، ۽ ڪولر ۽ برف جي پاڻي جي اهميت وڌي وئي، سخت جهولن ۽ گرم هوائن لڳڻ سان ڪاڇي جا مٽ، دلا پاڻي کي اڃا به وڌيڪ ٿڌو ڪري ڇڏڻ جي صلاحيت موجود هجڻ باوجود ٿانون جي اهميت ڏينهون ڏينهون  گهٽجي وئي آهي، ڪاڇي سميت سنڌ ۽ ٻين صوبن تائين پهچندڙ  ٿانوَ پنهنجو قدر ۽ قيمت وڃائڻ لڳا آهن. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ٻين صوبن تائين مشهور ڪاڇي جي هن ثقافتي ڌنڌي جو ڪاروبار ڪندڙ ڪنڀر چيڪي مٽي کي ڳوهي مهارت سان هي ٿانوَ ٺاهيندا آهن، سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن مان واپاري مالڪ آرڊر ڏئي ويندا هئا، هر ٽن کان چئن مهينن ۾ ڏينهن رات محنت ۽ جفا ڪشي سان ڪاريگر آويون تيار ڪري وٺندا هئا ۽ وڏو پئسو ڪمائيندا هئا، پوري ڪاڇي سميت سنڌ جا واپاري هتان ٺڪر جا ٿانوَ خريد ڪري ويندا هئا، پر اهو سلسلو هاڻي گهٽجي ويو آهي. علائقي جي مشهور ڪاريگرن  منظور ڪنڀر، مولابخش ڪنڀر، حسن ڪنڀر ۽ ٻين ٻُڌايو ته  بجلي جي نظام ۽ فرجن جي اچڻ سبب ٿڌو مٽ وٺڻ واري رواج ۾ گھٽتائي اچي وئي آھي، حڪومت يا سماجي ادارن پاران اسان جي ھٿ جي ھنر دلا ۽ مٽ ٺاھڻ واري ڪاريگري کي اجاگر نه ڪرڻ سبب اسان جي ھنر زوال تي اچي وڃڻ سبب فاقن تي وقت گذارڻ تي مجبور آھيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو