284

ڪاڇي ۾ سياري جي پهرين وسڪاري سبب فصل تباهه، آبادگارن کي ڪروڙن جو نقصان، واهر جو مطالبو

جوهي (ن سوڀ) جوھي ۽ ڪاڇي اندر سياري جي پھرين اڻ مدائتي برسات سبب پوکيل ٽماٽن، مرچن، ڪڻڪ، گوار، جوئر ۽ سارين جي بيٺل فصل کي وڏو نقصان رسيو آھي، جنهن سبب آبادگارن جا مٿي تي ھٿ اچي ويا آهن. ان سلسلي ۾ علائقي جي آبادگارن منظور جمالي،  عبدالحميد گاڏھي،  يامين کوسو،  شمن کوسو،  ميرمحمد لغاري،  جهنڊو لغاري ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته تازي برسات سبب پوکيل فصل کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آھي، جنهنڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان رسيو آهي. آبادگارن سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي آهي ته آبادگارن جي واھر ڪري ٿيندڙ نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. ٻئي پاسي  وسڪاري کانپوءِ ڪاڇي جي شھرن ڊرگهھ بالا، واهي پانڌي،  ڇني، ٽنڊو رحيم خان، گاجي شاهه، ھئروخان، سيوو جمالي، پريو جمالي، گولو فقير ۽ قاسم رودناڻي سميت ڪيترن ئي ڳوٺ جا گذريل ٻوڏ دوران  تباھ ٿيل روڊ رستا نه ٺھڻ ڪري صبح جو سواري توڙي بار کڻي ايندڙ گاڏيون ڦاسي پيون، ڪافي علائقن جا رستا گپ چڪ سبب بند پيل آھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو