270

هاڪي فيڊريشن پاران ڊوميسٽڪ هاڪي جون سرگرميون جاري رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) ڊوميسٽڪ هاڪي جون سرگرميون جاري رکڻ وج فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن تازو راولپنڊي ۾ نيشنل هاڪي چيمپيئن شپ ڪاميابي سان منعقد ڪئي ۽ هاڻي فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڊوميسٽڪ هاڪي جا وڌيڪ ايونٽس ڪرايا ويندا پر ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز جو خاص خيال رکيو ويندو. پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي سيڪريٽري آصف باجوا جو چوڻ آهي ته نيشنل هاڪي چيمپيئن شپ دوران ڪووڊ 19 جي حوالي سان ڪابه شڪايت سامهون ناهي آئي، ايونٽ شاندار نموني سان منعقد ٿيو، هاڻي به وڌيڪ ڊوميسٽڪ هاڪي جون سرگرميون جاري رکيون وينديون ۽ان دوران ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز جو خاص خيال رکيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو