176

وزيراعظم پاران پنجاب جي وڏي وزير کي منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت

لاهور ( ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، لاهور ۾ هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي ويو جتي هن پنجاب جي وڏي وزير  سردار عثمان بوزدار سان ملاقات ڪئي، پنجاب جي وزيراعلي سردار عثمان بوزدار وزيراعظم کي صوبي جي انتظامي، سياسي مامرن ۽ عوامي مفادن وارن قدمن، صوبي ۾ سستيون بازارون قائم ڪرڻ ۽ ٻين مامرن بابت ڄاڻ ڏني. وڏي وزير پنجاب روزگار اسڪيم، انصاف ميڊيسن ڪارڊ، باهمت بزرگ پروگرام، مهانگائي تي ضابطي، کنڊ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ بهتري جي باري ۾ حڪومت طرفان کنيل قدمن کان پڻ وزيراعظم کي ڄاڻ ڏني، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير کي منافع خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عوامي رليف جي منصوبن ۾ تيزي لازمي آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو