195

کيبر ۾ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان اکين جي علاج ۽ جديد مشينري سان چڪاس وارو عمل شروع

کيبر(ن سوڀ) کيبر رورل ھليٿ سينٽر ۾ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان اکين جي علاج ۽ جديد مشينري سان چڪاس وارو شعبو شروع ٿي ويو آهي. کيبر رورل ھيلٿ سينٽر تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊاڪٽر عبدالستار ڊکڻ چيو ته اسان وٽ جديد مشينري ذريعي ھيپاٽائيٽس بي، سي، اي ۽ مليريا جون ٽيسٽون فري ۾ ڪيون وينديون آھن، کيبر جو عوام ان مان ڀرپور فائدو وٺي رھيو آھي. ڊاڪٽرياڻي رشيده ميمڻ چيو ته اسان وٽ ڊليوري جي سهولت پڻ موجود آھي، آپريشن جي نوعيت ايندي آھي ته مفت ايمولينس ڏئي حيدرآباد ريفر ڪندا آھيون، ڪمزور ٻار جي صحت لاءِ اسان وٽ علاج موجود آھي. اکين جي ماھر ڊاڪٽر حنا جو چوڻ آھي ته اسان اکين جي جديد مشينري سان مفت چڪاس ڪري علاج ڪندا آھيون، جيڪڏھن آپريشن جي ضرورت ھوندي آھي ته مختلف اسپتالن مان مفت آپريشن ڪرائيندا آھيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو