219

پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح جون مقرريون، ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم ڪور ڪمانڊر ڪراچي مقرر

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطح جون مقرريون ڪيون ويون آهن جنهن ۾ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ڪور ڪمانڊر ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، ڊي جي آئي ايس پي آر  مطابق ليفٽيننٽ جنرل محمد عبدالعزيز کي ڪور ڪمانڊر لاهور، ليفٽيننٽ جنرل وسيم اشرف کي ڪور ڪمانڊر ملتان، ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم کي ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ليفٽيننٽ جنرل خالد ضيا کي ڪور ڪمانڊر بهاولپور ۽ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ مقرر ڪيو ويو آهي،  آئي ايس پي آر مطابق ليفٽيننٽ جنرل محمد علي ڪمانڊر اي ايس ايف سي، ليفٽيننٽ جنرل محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايويليوايشن، ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان کي انسپيڪٽر جنرل آرمز ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور کي انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ  انفارميشن ٽيڪنالاجي مقرر ڪيو ويو آهي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو