لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) باقراڻي ويجهو هٽڙي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو آهي. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو، نوجوان جي باقراڻي واسي شوڪت عرف جاني چنو طور سڃاڻپ ڪئي وئي، لاش جو چانڊڪا اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، وارثن موجب سندن نوجوان شادي ڪرائڻ ۽ ملڪيت مان حصو ڏيڻ جي گهر ڪئي هئي، ٿي سگهي ٿو هن ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي.
