واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو چيو آهي ته پرڏيهي وزارت اقتدار ۽ اختيارن جي منتقلي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جنرل سروسز ڊپارٽمنٽ ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار جوبائيڊن کي باضابطه طور اقتدار جي منتقلي جو عمل شروع ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن. آمريڪي انتظاميا جي هڪ عهديدار اعلان ڪيو ته وائٽ هائوس جوبائيڊن کي روزاني ڳجهي انٽيلي جنس رپورٽس کان آگاهه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. فيصلي جو مطلب اهو آهي ته جوبائيڊن کي قومي سلامتي جي وڏن خطرن بابت انتيلي جنس خدمتن جي تازي ترين معلومات پهچ حاصل هوندي. پرڏيهي وزارت جوبائيڊن جي ٽيم سان هم آهنگي شروع ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ۽ کيس دفاع واري وزارت جي سرگرمين ۽ منصوبن بابت انٽيلي جنس بريفنگ ۽ معلومات فراهم ڪئي.
