ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي صدر ولادي مير پيوٽن چيو آهي ته روس ۽ سعودي عرب جي سهڪار توانائي مارڪيٽ ۾ استحڪام کي يقيني بڻائن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. روس جي صدر جي – 20 اجلاس کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ڪوششن تي سندن ٿورا مڃيا. هن جي – 20 سربراهي اجلاس جي ڪاميابي تي سعودي عرب کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته سعودي عرب سان ناتا تيزي سان وڌي رهيا آهن. روس ۽ سعودي عرب اوپيڪ پلس فارمولي ۾ بهتر طريقي سان سهڪار ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي ڪري عالمي مارڪيٽ ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي رهي آهي ۽ ٻنهي ملڪن ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
