267

جيڪي چون ٿا ته ڪورونا سبب ڪجهه نه ٿيندو، اهي عوام جي صحت ۽ روزگار جا دشمن آهن : اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ترقي سڌارن ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ 3009 جو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته 59 فوتگيون ٿيون ۽ 324 نون مريضن کي اسپتالن ۾ داخل  ڪيو ويو آهي، اهڙيءَ ريت آڪسيجن بيڊز تي 116 مريضن جو اصافو ٿيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اها هڪ ڏينهن جي ڳڻپ آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو عوام کي اهو ٻڌائي رهيا آهن ته ڪورونا وائرس سان ڪجهه به نه ٿيندو. اهي عوام جي صحت ۽ روزگار ٻنهي جادشمن آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو