217

چوڌري احمد مختار جو لاڏاڻو: بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري پاران ڏک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري  اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري احمد مختار جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته چوڌري احمد مختار هڪ ثابت قدم، تجربيڪار ڪارڪن ۽ پارٽي جو اثاثو هو، سندس وفات تي دل ڏکويل آهي، اسان سندس کوٽ هميشه محسوس ڪنداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏئي. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اڳوڻي وفاقي وزير چوڌري احمد مختار جي وفات تي پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي قيادت ۽ ڪارڪن سندس وفات تي ڏک ۾ آهن، هو هڪ باهمت، بهادر ۽ وفادار ساٿي هو. آصف علي زرداري مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي صبر لاءِ دعا ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو