اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي مذهبي هم آهنگي بابت نمائندي ۽ پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته اسلام عورتن جي حقن جو محافظ آهي، اسلام والده، نياڻي، گهرواري ۽ ڀيڻ جي حق ۽ احترام جو درس ڏنو آهي، اهو ڪنهن ٻئي دين ۾ ناهي. عورتن تي تشدد جي روڪ ٿام جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جي آمد کان پوءِ عورتن کي جيڪو احترام مليو آهي، اهو دنيا ۾ پهريان موجود نه هو.
