308

سعودي ڪابينا سينٽرل بينڪ نظام جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

رياض (ويب ڊيسڪ) خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سربراهي ۾ منعقد ٿيل ڪابينا سعودي سينٽرل بينڪ جو نظام جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سعودي خابرو اداري مطابق ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته سعودي مالياتي اٿارٽي جو نالو تبدل ڪري سينٽرل بينڪ رکيو ويندو. فيصلي ۾ اهو چيو ويو آهي ته سينٽرل بينڪ جون اهي ئي ذميواريون هونديون جيڪي مالياتي اٿارٽي جون آهن. سينٽرل بينڪ ڪرنسي جي استحڪام ۽ مالياتي اعتماد بحال رکڻ کان علاوه معيشيت جي بهتري لاءِ پڻ ڪم ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو