286

ڄامشورو ۾ شاگرد سان مبينا بدفعلي: گرفتار 3 جوابدار عدالت ۾ پيش، رمانڊ تي پوليس حوالي

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي رهواسي ۽ ڇهين ڪلاس جي  شاگرد علي مرتضيٰ عرف پالي عمراڻي سان چئن جوابدارن پاران مبينا طور بدفعلي ڪري اعتراض جوڳي وڊيو ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جوابدارن کي ڄامشورو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ يونيورسٽي ڪالوني جي رهواسي ۽ ڇهين ڪلاس جي  شاگرد علي مرتضي’ عرف پالي عمراڻي سان مبينا طور بدفعلي جي الزام هيٺ گرفتار 3 جوابدارن فيصل نوحاڻي، گل ملاح ۽ امين رودناڻي کي فرسٽ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ احمد علي قريشي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت  گرفتار جوابدارن کي پنجن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڄامشورو آدم ابڙو صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن نينگر جي ماءُ روبينا عمراڻي جي فرياد تي چئن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ڪيس ۾ فيصل نوحاڻي، گل ملاح، امين رودناڻي ۽ ساحل چنا کي نامزد ڪيو ويو هو، پوليس 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪورٽ پيش ڪيو، جڏهن ته هڪ جوابدار ساحل چنا زخمي هجڻ سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل آهي، جنھن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو