179

ملڪ ۾ وڌيڪ 59 ماڻهو ڪورونا سبب فوت، 3 هزار متاثر، اڄ کان سمورا تعليمي ادارا بند، حيدرآباد ۾ ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڪيترائي دڪان سيل

اسلام آباد / ڪراچي ( نمائندا ) ملڪ ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙي رهيو آهي،  جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 59 ماڻهو ڪورونا سبب فوت ۽ 3 هزار کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته اڄ کان 10 جنوريءَ تائين سمورا تعليمي ادارا بند رهندا. سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 8 مريض فوت ۽ هڪ هزرا 348 متاثر ٿيا. جنهن کان پوءِ سنڌ ۾ فوتين جو انگ 2864 ۽ متاثرن جو انگ هڪ لک 67 هزار 381 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾  607 مريض صحتياب پڻ ٿي ويا. هن وقت 16953 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 614 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي انهن مان 58 مريضن کي وينٽيليٽرز تي رکيو ويو آهي. 24 ڪلاڪن دوران ڪراچيءَ ۾ 933، حيدرآباد ۾ 106، بدين ۾ 73، ڄامشوري ۾ 31، شهيد بينظير آباد ۾ 26، سانگهڙ ۾ 21، مٽياري ۾ 16، عمرڪوٽ ۾ 13، سجاول ۾ 9، ميرپورخاص ۾ 8 ،  سکر ۾8، نوشهري فيروز ۾ 7، گهوٽڪي ۾ 6، خيرپور ۾3، ٺٽي ۾ 3، دادو ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ 2-2  ماڻهو متاثر ٿيا. اڄ کان 10 جنوري تائين اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند رهنديون،  شاگردن کي ٽيلي لرننگ ۽ آن لائين ڪلاسز ذريعي تعليم ڏني ويندي. پوري صوبي ۾سموريون لائبريريون، ٽيشن سينٽر پڻ بند رهندا، استاد اسڪولن ۾ حاضر ٿيندا رهندا، تعليم کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ٻي پاسي حيدرآباد ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي انتظاميه ڪارروائي ڪري ڪيترائي دڪان، 3 ڪار بڪنگ آفيسون، هوٽل ۽ جم سيل ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو