160

ڪنري ۾ وياجين کان تنگ واپاري ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

ڪنري (ن سوڀ) ڪنري شھر جي خالد ڪالوني جي وارڊ 320 ۾ واپاري 35 ورھين جي نوجوان شھديو ڪمار ولد کينپال داس لوھاڻي پنھنجي گھر جي ڪمري ۾ پنکي ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، نوجوان خودڪشي کان ھڪ ڏينھن اڳ پنھنجي ٻارن سان گڏ سندن سنڍو جي پٽ جي شادي ۾ عمرڪوٽ ويل ھو ۽ پنھنجي ٻارن جي عمرڪوٽ ڇڏي پاڻ رات جو دير سان واپس گھر موٽيو ۽ صبح جو ڀاءُ ۽ ٻين گھر وارن ڦاھو کاڌل لٽڪيل لاش ڏٺو. اطلاع تي شھر جا واپاري، شھرين جو وڏو انگ ۾ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي. گھر وارن طرفان ڪنھن تي شڪ نه ھجڻ ۽ پوسٽ مارٽم تي اعتراض وارڻ تي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال منتقل نه ڪيو ويو ۽ گھر ۾ ئي ضروري ڪارروائي ڪئي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان پئسن جي ڪميٽي جو ڪم ڪندو ۽ مختلف ماڻھن جا وٽس ڪميٽي جا پئسا جمع ٿيل ھئا، ان کانسواءِ ڪجهھ ماڻھن کان وياج تي پئسا ورتل ھئا، جنھن تي ماڻھن پاران تنگ ڪرڻ تي ھن دلبرداشته ٿي خودڪشي ڪئي آھي، فوتي ٻن ٻارن جو پيءُ ھو ۽ موت جي ڏينھن سندن سنڍو جي پٽ جي بارات ھئي سندس فوتگي تي روڄ راڙو مچي ويو ۽ خوشيون ڪھرام ۾ تبديل ٿي ويون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو