ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 8 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته فوتين جو انگ 2864 تائين پهچي ويو آهي ۽ 1348 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جڏهن 12159 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ پڌري ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 8 مريض فوت ٿي ويا ۽ فوتين جو انگ وڌي 2864 ٿي ويو جيڪا 1.8 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 12159 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جنهن مان 1348 نوان ڪيس لڌا ويا جيڪي 11 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 1929972 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 167381 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن، انهن مان 88 سيڪڙو يعني 147564 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 607 مريض پڻ شامل آهن. مراد علي شاهه جي مطابق هن وقت 16953 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 16226 گهرن ۾، 13 آئسوليشن سينٽرن ۽ 714 مختلف اسپتالن ۾ آهن جڏهن ته 614 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي جن ۾ 58 مريضن کي وينٽيليٽرز تي رکيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته 1348 نون ڪيسن مان 933 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع ڏکڻ 343، ضلع اوڀر 338، ضلع مرڪز 92، ضلع ملير 83، ضلع ڪورنگي 52 ۽ ضلع اولهه 25 شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد 106، بدين 73، ڄامشورو 31، شهيد بينظير آباد 26، سانگهڙ 21، مٽياري 16، عمرڪوٽ 13، سجاول 9، ميرپورخاص ۽ سکر 8-8، نوشهروفيروز 7، گهوٽڪي 6، خيرپور ۽ ٺٽو 3-3، دادو ۽ ٽنڊو محمد خان 2-2 شامل آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريو ته ايس او پيز تي عمل ڪن.
195