اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز مخالف ڌر پاران ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ کي غيرذميواراڻي سياست قرار ڏيندي چيو آهي ته ان عمل مان ثابت ٿي ويو ته مخالف ڌر پارٽيون پارليامينٽ تي به اعتماد نه ٿيون ڪن، مخالف ڌر کي ان غيرذميواري تي سڄي قوم کي جواب ڏيڻو پوندو، حڪومت پنهنجي پاليسي ۽ موقف تي مضبوطي سان بيٺل آهي، مخالف ڌر سان يا مخالف ڌر کانسواءِ عوام جي ڀلائي، روزگار جي حفاظت يقيني بڻائينداسين، بدقسمتي سان جمهوريت جا دعويدار هر معاملي کي سياست جو رنگ ڏين ٿا، عدالت جي فيصلي، حڪومتي ايس او پيز جي خلاف ورزي تي پي ڊي ايم پشاور جلسي جي منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙ قائدين جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو. ڄاڻي واڻي عوام جي جان کي خطري ۾ وجهندڙ قومي ڏوهاري آهن، ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻي لهر شديد ترين لهر اچي چڪي آهي، ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ احتياط ئي واحد رستو آهي، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومت عوام جي جان، روزگار، معاشي سرگرمين جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي، ان جي لاءِ سخت پابنديون پڻ لڳايون وينديون. هو ڪوويڊ – 19 بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سان بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته حڪومت صحت، منصوبابندي جي ماهرن، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽرين سميت سڀني لاڳاپيل عملدارن پاران نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي پليٽ فارم تان تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪوويڊ – 19 بابت انگن اکرن تي قدم کڻي ٿي، انهن انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس جي ٻي شديد ترين لهر اچي چڪي آهي، وزيراعظم عمران خان جي پاليسي موجب روزگار ۽ عوام جي جانين جو تحفظ يقيني بڻائڻو آهي ڇو ته اسان جي ڪامياب حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا وائرس جي پهرين لهر جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو ويو، جنهن کي سڄي دنيا ساراهي رهي آهي ۽ پاڪستان جي ان پاليسي کي رول ماڊل طور تي اختيار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ حڪومت پنهنجو فرض سمجهي ٿي ته سڀني سياسي پارٽين سان گڏجي ڪورونا وائرس جي وبا کان بچاءُ لاءِ پارليامينٽ جي سطح تي حڪمت عملي ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ اڄ ڪوويڊ – 19 جي خاتمي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويو پر ان موقعي تي به مخالف ڌر سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ غيرذميواري جو مظاهرو ڪندي پارليامينٽ کي به مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهي ماڻهو جمهوريت جي دعويٰ ڪن ٿا پر پارليامينٽ تي اعتماد نه ٿا ڪن. مخالف ڌر جو پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ جو فيصلو غلط هو. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ معاشي سرگرميون، روزگار جا موقعا، ننڍا ڪاروبار هلندا رهن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ متاثر نه ٿين، فيڪٽريون، ڪارخانا ۽ ڪاروباري مرڪز ايس او پيز تحت هلندا رهن. هن چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي جا دعويدار پنهنجي قدمن سان ان جي نفي ڪري رهيا آهن، حڪومت عوام جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻندي. هن چيو ته پارلياماني ڪميٽي ۾ شرڪت نه ڪرڻ سان مخالف ڌر پيغام ڏنو آهي ته انهن کي پنهنجي سياسي عزيز آهي، قومي مسئلن کي سياست جي ور چاڙهڻ افسوس جوڳو آهي. پشاور جلسي جي ناڪامي کانپوءِ مخالف ڌر هوش کان ڪم وٺندي پنهنجون ٻيون سرگرميون ملتوي ڪري ڇڏي. مخالف ڌر جي سياست جو مقصد پنهنجي ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ آهي، اهي ماڻهو پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ عوام جي جانين سان کيڏي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس جو وقت پورو ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي ٽيم مخالف ڌر سان رابطو ڪندي ته جيئن سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاسن جي شيڊيول جو فيصلو ڪيو وڃي.
229