211

ڄامشورو واسي پورهيت جو پوليس، روينيو عملدارن ۽ قبضاخورن خلاف احتجاج

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو واسي ڪامريڊ غلام حيدر جمالي دادو پوليس، روينيو عملدارن ۽ زمين تي قبضو ڪندڙن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي ۽ دانهيو آهي ته منهنجي 145 ايڪڙ مروثي زرعي زمين جيڪا ڳوٺ مسو خان جمالي، ديهه ڦلجي ريتي ۾ موجود آهي جنهن تي محمد نواز جمالي، عطا محمد جمالي، علي نواز، جان محمد، محمد صفر، مور جمالي، ماستر قاسم عرف شير جمالي، جهنڊو خان، عبدالمجيد صدام حسين، عبدالستار جمالي ۽ ٻيا 2014ع کان قبضو ڪيو ويٺا آهن، جيڪي هٿياربند ۽ عادي ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن جيڪي ٻين جي ملڪيتن تي قبضو ڪندا رهندا آهن، جن خلاف انصاف لاءِ سول ڪورٽ جوهي، سيشن ڪورٽ دادو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ دانهيو جتان انصاف مليو آهي مورڳو مون کي ۽ منھنجي گھر عزيزن ۽ همدردن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر حد جو ڊي ايس پي نور محمد سُهرياڻي، ڦلجي وليج ٿاڻي جو ايس ايڇ او گلزار احمد ڪانڌڙو، تپيدار سڪندر ماڇي، ڪجهه روينيو عملدار، پوليس اهلڪار ۽ علائقي جا بااثر ماڻهو قبضاگيرن سان ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ بڻجي مون کي عدالتي حڪم باوجود انصاف ڏيارڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن، اهڙن ماڻهن جي مدد جي ڪري منهنجي زمين تان هر سال ڪروڙين روپين جي اپت حاصل ڪري رهيا آهن ۽ ڪروڙين روپين جا مختلف قسم جا وڻ وڍرائي وڪرو ڪري ڇڏيا آهن، مذڪوره جوابدار ڪورٽن ۾ هلندڙ ڪيسن ۽ زمين تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ مونکي، منهنجي ۽ منهنجي ڀائيٽن ۽ ٻين همدردن کي جان کان مارڻ ۽ اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اهڙيون شڪايتون حد جي پوليس توڙي تر جي چڱن مڙسن وٽ پڻ ڪري چڪو آهيان پر جوابدار ڌر ويتر مڇرجي پئي آهي. ڪامريڊ غلام حيدر جمالي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وزير اعلي سنڌ، ڊي جي رينجرس، ڪمشنر حيدرآباد، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو، ريجنل پوليس آفيسر حيدرآباد، ڊي آئي جي حيدرآباد، ڊپٽي ڪمشنر دادو، ايس ايس پي دادو سوڌو ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته منهنجي زمين تان قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي ۽ مونکي زمين تان گذريل 6 سالن کان زمين مان کنيل اپت جو معاوضو ۽ جاني ۽ مالي تحفظ ڏياريو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو