283

عمرڪوٽ ۾ هفتو اڳ گم نوجوان قتل، گرفتار جوابدار ڏوهه باسي ورتو، نشاندي تي لاش هٿ

عمرڪوٽ (رپورٽ: اشوڪ ڪمار) عمرڪوٽ مان هڪ هفتو اڳ ۾ پراسرار طور تي گم ٿي ويل ڳوٺ موڪم سنگھه جي رهواسي نوجوان ڏيچند پٽ آسن ڀيل جي گمشدگي تي وارثن طرفان عمرڪوٽ ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي هئي، جنهن بعد کوکراپار ٿاڻي جي پوليس ٻن جوابدارن لجپت ڀيل ۽ هيرو ڀيل کي گرفتار ڪري ورتا هئا، پوليس پاران پڇا ڳاڇا ڪرڻ تي گرفتار جوابدار لجپت ڀيل ڏوھ جو اعتراف ڪيو آھي، جنھن بابت ڊي ايس پي محمد ايوب درس صحافين کي ٻڌايو آهي ته جوابدار لجپت ڀيل اعتراف ڪيو آھي ته مقتول نوجوان منهنجي ڀيڻ سان ناجائز تعلقات هئا، جنهن کانپوءِ مون مقتول کان دوستي رکي دوستي رکڻ کان پوءِ مون انهي کي منهنجي ڳوٺ گهرائي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي، لاش هتي زمين اندر پوريو آهي، جوابدار جي نشاندھي تي عمرڪوٽ ۽ کوکراپار پوليس مقتول جا وارث واقعي واري ھنڌ پُھتا ۽ پوليس لاش تحويل وٺڻ بعد سول اسپتال عمرڪوٽ پُھچايو، جڏھن ته واقعي بابت مقتول جي والد آسن ڀيل چيو ته هيرو ڀيل ۽ لجپت ڀيل سان منهنجي پٽ جي دوستي هوندي هئي، انهن منهنجي پٽ کي قتل ڇو ڪيو، انهي جي ڪابه خبر ناهي اهي جوابدار ٻڌائي سگهن ٿا، ھن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آھي پٽ کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي، اعلي اختياريون نوٽيس وٺي انصاف فراھم ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو