182

موسيٰ گيلاني جي ضمانت منظور، 30 نومبر تي هر حال ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ٿيندو: پ پ اڳواڻ

ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ پي ڊي ايم جلسي کان اڳ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي موسيٰ گيلاني ۽ سندس ساٿين جي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي. ملتان ۾ گذريل ڏينهن پي ڊي ايم جلسي جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي وئي هئي، جنهن تي اڳوڻي ايم اين اي موسيٰ گيلاني کي ڪارڪنن سميت گرفتار ڪيو ويو هو.  موسيٰ گيلاني تي سرڪاري ڪاروهنوار ۾ مداخلت ڪرڻ ۽ ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ تي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. گرفتار موسيٰ گيلاني ۽ سندس ساٿين کي اسپيشل مئجسٽريٽ جواد ظفر جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت موسيٰ گيلاني سميت سمورن ماڻهن جي ضمانت منظور ڪري ورتي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي موسيٰ گيلاني جو چوڻ هو ته گرفتارين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، اسان جا حوصلا اڳ کان بلند آهن، 30 نومبر تي هر حال ۾ پي ڊي ايم جو جلسو ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو