305

تنگواڻي ۾ ٻارڙو راند ڪندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري فوت

تنگواڻي (ويب ڊيسڪ) تنگواڻي ڀرسان ٻارڙو راند ڪندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري فوت ٿي ويو آهي. تنگواڻي ڀرسان  ڳوٺ عبدالنبي لاشاري ۾ ٻارڙو نويد لاشاري راند ڪندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪري فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيڪو ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سندس امڙ کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو