263

مني لانڊرنگ ڪيس : شهباز شريف جو پٽ، ڌي ۽ ناٺي اشتهاري قرار

لاهور  ويب ڊيسڪ)مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جو پٽ، ڌي ۽ ناٺي کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي، احتساب عدالت جي ايڊمن جج جواد الحسن شهباز شريف جي خاندان خلاف داخل مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جج پنهنجا ريمارڪس ڏنا ته اڄ نيب جي شاهدن کي شاهديون قلمبند ڪرائڻيون آهن، جڏهن ته شريف خاندان جي وڪيل جي طرفان ايڊووڪيٽ  امجد پرويز  جي مصروفيتن جي ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي، احتساب عدالت جي جج شهباز شريف جي امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو، جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر به شهباز شريف جي امڙ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو