راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول تي جنگبندي معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڌيئرن جو پيءُ شهيد ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول جي باغسر سيڪٽر ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو، گوليون لڳڻ سبب باغسر سيڪٽر جي ڳوٺ ڳڙهي جو رهواسي 33 ورهين جو انصر شهيد ٿي ويو، هو ٽن ڌيئرن جو پيءُ هو جيڪو پنهنجي گهر سامهون موٽرسائيڪل تي گذريو رهيو ته ڀارتي فوج جي گولين جو کاڄ بڻجي ويو.
