ٽنڊوغلام حيدر(ن سوڀ) ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڳوٺ علي اڪبر چانگ ۾ 40 ورهين جي شادي شده عورت پٺاڻي زال جمن مينگهواڙ مبيناطور گهرو اڻبڻت تان گهر اندر رسي سان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي، جڏھن ته وارثن پاران حد جي متارو پوسٽ پوليس کي اطلاع ڪيو ووي، جنهن واقعي واري هنڌ پهچي فوتڻ پٺاڻي مينگهواڙ جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ٽنڊوغلام حيدر سرڪاري اسپتال آندو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو .ٻئي طرف فوتي عورت پٺاڻي جي مڙس جمن مينگهواڙ ٻڌايو ته اهڙي ڪا ڳالھه ناهي گهر ۾ ڪا به پريشاني نه هئس اڄ صبح اٿياسين ته گهر اندر ٽنگيل لاش مليو. ٻئي پاسي عورت پٺاڻي مينگهواڙ جو لاش گهر پهچڻ بعد ڪهرام مچي ويو، جڏھن ته واقعي جو اڃا تائين ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.
