186

ولادت باسعادت حضرت امام حسن عسڪري عه..

ليکڪ: دانش نبي بخش شر

عالم اسلام جي يارهين پيشوا جو نالو مبارڪ ”حسن“، ڪنيت ”ابومحمد“ ۽ مشهور لقب ”زڪي“ ۽ ”عسڪري“ آهن. کين والد ۽ ڏاڏي سڳوري جيان “ابن الرضا” جي لقب سان به سڏيو ويندو هو. سندن ولادت 10 ربيع الثاني سن 232 هه ۾ جمعي ڏينهن مديني شريف ۾ ٿي، پر تاريخ نويسن ۾ ولادت جي ڏينهن بابت اختلاف آهن، علامه مجلسي عليه الرحمه لکيو آهي ته ”مشهور آهي ته امام عليه السلام جو جنم جمعو 8 ربيع الثاني تي ٿيو“ ڪن عالم ساڳئي مهيني جي چوٿين ۽ ڪن وري ڏهين تاريخ به ڄاڻائي آهي، شيخ بهائي ان ختلاف طرف اشارو ڪندي چوي ٿو ته؛

مــــولده شـــــهر ربيع الآخـــــــــر  وذاک في اليوم شريف العاشر

في يوم الاثنين و قيل الرابع و قيل فـــي الثامن وهـــو سابع.

ترجمو: سندن ولادت ربيع الآخر مهيني ۾ ٿي،تاريخ ڏهين هئي،ڪن سومر جو ڏينهن ۽ چوٿين تاريخ لکي آهي،ڪن ستين ته ڪن وري اٺين به قلمبند ڪئي آهي.سندن والد جو نالو علي النقي ۽ والده جو نالو حديثه، سليل ۽ سوسن هو، کيس جده به سڏيندا هئا، وڏي پرهيزگار ۽ عظمت ڀري عورت هئي، ڪتاب ”جنات الخلود“ ۾ آهي ته اها سڳوري پنهنجي اباڻي ديس ۾ بادشاهه زادي هئي، حضرت امام حسن عسڪري عه جي شهادت کانپوءِ معتقدن لاءِ ڇپر ڇانو هئي، مسعودي پنهنجي ڪتاب ”اثبات الوصيت“ ۾ لکيو آهي ته هڪ ڀيري امام حسن عسڪري عه جي امڙ سُليل کي امام علي نقي عه مخاطب ٿي فرمايو ”اي سُليل! الله توکي هر آفت ۽ پليديءَ کان محفوظ رکيو آهي، عنقريب تنهنجي نسل مان هڪ ٻچڙو جنم وٺندو جيڪو مخلوق تي الله تعاليٰ جي حجت هوندو ۽ هن ڌرتي کي ائين عدل سان لبريز ڪندو، جيئن ظلم سان ڀريل هوندي“ امام عه جي ان اڳڪٿي کان ستت ئي پوءِ بي بي صاحبه کي امام حسن عسڪري عه ڄائو، جڏهن امام علي نقي عه وقت جي حاڪم جي حڪم تحت مديني کان عراق لڏي ويو ته ان وقت سندن عمر مبارڪ سورهن سال ۽ ڪجهه مهينا هئي، جڏهن ته امام عسڪري عه چئن سالن ۽ ڪجهه مهينن جو هو.  سندن منڊيءَ جو نقش: “سُبحان من له مقاليدالسماوات والارض”. ڪن: “انا لله شهيد” به لکيو آهي. سندن امامت جي 6 سالن جي دور ۾ 3 عباسي حڪمران معتز، مهتدي ۽ معتمد ٿي گذريا، معتز پنهنجي سئوٽ مستعين جي تخت تي ويٺو ۽ معتز جي حڪومتي دور ۾ ئي امام علي النقي عه کي شهيد ڪيو ويو ۽ ان جي ئي دور ۾ لاتعداد علوين (عليءَ جي اولاد) کي قتل ڪيو ويو، آخرڪار انهن ترڪ سپاهين جيڪي معتز کي پنهنجو مخالف سمجهندا هئا، چڙهائي ڪري کيس خلافت تان معزول ڪري هڪ قيد خاني ۾ واڙي ڇڏيو ۽ سڀ در دريون بند ڪري ڇڏيائون، جنهن سبب هو ٻوساٽجي مري ويو.معتز کانپوءِ مهتدي تخت نشين ٿيو، جيڪو وڏو ظالم ۽ منافق شخص هو،ان ظاهري زهد جي باوجود امام عسڪري عه کي جيل ۾ رکيو ۽ مارائڻ جو پڪو پهه هئس پر موت مهلت نه ڏنيس ۽ قتل جي منصوبي کي عملي صورت ڏيڻ کان اڳ پاڻ ئي مارجي ويو، احمد بن محمد جو بيان آهي ته جنهن وقت مهتدي غير عرب مسلمانن جو قتل عام ڪري رهيو هو ته مان امام حسن عسڪري عه ڏي خط لکيو ته شڪر آهي جو هي ظالم حاڪم اسان کان بي خبر آهي، ٻڌو آهي ته هن ڌمڪي ڏني هئي ته آل محمد صه جو هڪ به ماڻهو زمين تي رهڻ نه ڏيندو.امام عه پنهنجي هٿ مبارڪ سان لکي موڪليو ته ان جي عمر ڪيڏي نه مختصر آهي؟ اهو ته 5 ڏينهن کانپوءِ ذلت ۽ خواري سان ماريو ويندو ۽ ٿيو به ائين جيئن امام عه لکيو هو، ترڪ سپاهين جي بغاوت جي نتيجي ۾ مهتدي مارجي ويو ۽ معتمد تخت نشين ٿيو، ان جي حڪومتي دور ۾ امام عسڪري عه کي شهيد ڪيو ويو، ان کانسواءِ علوين جي هڪ ٽولي جو به قتل عام ڪيو ويو، تاريخن ۾ ملي ٿو ته معتمد جي زماني ۾ لڳ ڀڳ 5 لک ماڻهو ماريا ويا هئا. ان ظالم حڪمران امام عه کي پهريان صالح بن وصيف جي قيدخاني ۾ رکيو ان بعد ۾ نحرير نالي هڪ شخص جي قيد خاني ۾ باندي ڪيائين ۽ آخري ڀيرو امام عه کي علي جري نالي شخص جي زندان ۾ ڀاءُ (جعفر) سميت قيدي بڻايو. مطلب ته حڪومتن جي امام عه تي هر وقت ڪڙي نظر هوندي هئي، ان ڪري ڪيترائي ڀيرا جيل ۾ واڙيو ويو، تاريخ جي ڪتابن ۾ ملي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن وقت جيل ۾ نه به هوندا هئا ته ان جي باوجود به آزاد نه هوندا هئا پر ملاقاتين تي به پهرا لڳل هوندا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو