ليکڪ: سيف الله سومرو
الحاج امداد الله ڦلپوٽو ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي سندس شخصيت چمڪندڙ ستاري وانگر آهي ۽ ملڪ سميت سعودي عرب ۾ به هن پنهنجي ڏات سان دليون فتح ڪيون آهن، سندس آواز ۾ اهڙو ته سرور ۽ لطف آهي، جو ٻڌندڙ ان روح پرور آواز ۾ ٻڏي وڃي ٿو، نعت خواني الله تعاليٰ حاجي امداد الله ڦلپوٽي کي اهڙي ڏات ڏني آهي، جو سڄي سنڌ ۾ سندس آواز جو ڪو مثال نٿو ملي، هن وٽ نعت خواني سان گڏ کوڙ ساريون خوبيون آهن هو بهتري عالم ۽ باعمل انسان آهي، ان کانسواءِ هو حديث جو پڻ ڄاڻو آهي ۽ حمد ۽ نعت چوڻ جي وچ ۾ اهڙي طرح تشريح ڪري ٿو، جو ٻڌندڙ چوندا آهن ته بس هو ڳالهائيندو رهي، پاڻ بهترين طبيعت جا مالڪ آهن، سدائين مرڪندڙ حاجي امداد الله ڦلپوٽو هر هڪ سان پيار ۽ محبت سان ملي ٿو ۽ ننڍي توڙي وڏي جو ادب ڪرڻ سان گڏ سٺي اخلاق جو مالڪ آهي، هن 13 يا 14 سالن جي عمر ۾ نعت خواني شروع ڪئي، جڏهن پهرين نعت چيائين ته ٻڌندڙ سندس آواز تي حيران ٿي ويا ۽ هر طرف کان اهو آواز آيو ته الله تعاليٰ ڇا ته ان ننڍڙي جي آواز ۾ لطف رکيو آهي، ان کانپوءِ هو نعت جي دنيا ۾ اڳتي وڌندو ويو ۽ پوئتي موٽي نه ڏٺائين، نعتن جا هديا پيش ڪندو ويو ۽ سندس مٺڙي آواز کيس ايترو مشهور ڪيو جو هر جلسي ۽ محفل جو شان بڻجي ويو، سنڌ ۾ جلسا ۽ محفلون ڪرائڻ وارا حاجي امداد الله کي گهرائڻ لاءِ آتا هوندا هئا، ۽ هر هڪ جي دل گهرندي هئي ته حاجي امداد الله اسان جي محفل ۾ اچي، هي اهو وقت هو جڏهن سنڌ اندر بزرگ شخصيت مرحوم مولانا عبدالله چانڊيو به شاعر اسلام ۽ عاشق رسول صه هو. ان جڏهن حاجي امداد الله جو آواز ٻڌو ته پنهنجي شاعري کيس ڏيندو هو، نعت خواني سان گڏ حاجي امداد الله مدرسي ۾ عربي جي تعليم به حاصل ڪئي ۽ عالم جو ڪورس پورو ڪيائين، اهي مولانا عبدالله چانڊيو جي زندگي جا آخري ڏينهن هئا، هن پنهنجي پٽ کي وصيت ڪئي هئي ته مون کان پوءِ منهنجي سڄي شاعري الحاج امداد الله ڦلپوٽي کي ڏئي ڇڏجو، پٽ کانئس پڇيو ته بابا سائين سنڌ اندر ٻيا به ڪيترائي نعت خوان آهن، انهن کي ڇو نه ڏيون، ته مولانا چانڊيي جواب ڏنو ته حاجي امداد الله ۾ الله تعاليٰ اهڙي خاصيت رکي آهي جو هو شعر کي سوچي سمجهي چوندو آهي، ٻين نعت خوانن ۾ اهڙي خاصيت نه آهي، حاجي امداد الله پاڻ به شاعر آهي ۽ شعر کي چڱي نموني سمجهي وڃي ٿو ته شعر ڪٿي ڪٺل آهي ۽ ڪٿي وڌي ٿو ۽ حاجي امداد الله مولانا چانڊيي جي شاعري اهڙي ته بهتر نموني سان ڳائي ڄڻ ان جو حق ادا ڪري ڇڏيو. حمد ۽ نعت جي محفل جي مور حاجي امداد الله کانسواءِ هر محفل اڌوري لڳندي آهي ۽ سندس اتفاقي طور تي ڪنهن محفل ۾ نه پهچڻ سان ماڻهو پريشان هوندا آهن، اها عزت نعت خوانن ۾ رب سائين حاجي امداد الله کي ڏني آهي ۽ ملڻ به گهرجي ڇو ته هن پنهنجي سڄي زندگي الله ۽ ان جي حبيب ڪريم صه جي تعريف ۾ وقف ڪئي آهي، اها ڪا معمولي ڳالهه نه آهي، هن تي محفلن ۾ جتي نوٽن جي ورکا ٿيندي آهي اتي گل، اجرڪ ۽ ايوارڊ به ملندا آهن، روزانو 5 کان 7 پروگرام تي وڃڻ واري حاجي امداد الله ڦلپوٽي کان تاريخ وٺڻ به وڏو مسئلو هوندو آهي. کانئس 50 سالا حسنِ ڪارڪردگي جي تقريب جي تاريخ وٺي مون حمد ۽ نعت جي محفل رکي، 21 نومبر 2019ع تي مون سڀ کان پهريان حاجي صاحب کي 50 سالا حسنِ ڪارڪردگي تي شاعر اسلام ۽ سيد الشعراءَ سيد رفيق احمد شاهه امروٽي جي هٿان ايوارڊ ڏياريو، اها تقريب سنڌ اندر ايتري مقبول ٿي جو هر هنڌ حاجي امداد الله لاءِ ايوارڊ انتظار ۾ رهيا ۽ ان محفل ۾ رفيق احمد شاهه امروٽي، حاجي امداد الله جي زندگي تي روشني وجهندي شعر پڙهيو ته
محبت عقيدت سان ٿو نعت ڳائي
اڃان سال پنجاهه ٻيا ڀي ٻڌائي
اهيو حاجي امداد ڦلپوٽو صاحب
خدا ان جي عمر ۽ عزت وڌائي
شاعر اسلام سهراب گوپانگ حاجي امداد الله جي 50 سالا حسن ڪارڪردگي تي اهڙي ته شاعري ڪئي آهي جيڪا ٻڌڻ سان حاجي امداد الله جي سموري زندگي جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ اهيا شاعري حاجي امداد الله پنهنجي آواز ۾ چئي آهي.
ڳائيندي ثنا اُسري ويا 50 ورهه گذري ويا
سي نقش اندر اُڪري ويا 50 ورهه گذري ويا
الحاج امداد الله جي 50 ساله حمد و نعت ۽ اصلاحي شعر چوڻ سان ڪيترن ڀٽڪيل ماڻهن کي سڌي راھ ملي وئي ڪيترن ئي ماڻهن جا عقيدا صحيح ٿي ويا، والدين جي شان ۾ شعر ٻڌڻ سان ماڻهون پنهنجي والدين جو قدر ڪرڻ لڳا اصلاحي شعر ٻڌڻ سان ماڻهن پنهنجي ٻارن کي مدرسي ڏانهن موڪلڻ شروع ڪيو مطلب ته حاجي امداد الله جا اصلاحي شعر ٻڌي ماڻهن ۾ سڄاڳي آئي.