219

سنڌ سڃاڻ سنگت گمبٽ جو پڙهائي مرڪز ۽ پبلڪ لائبريري

ليکڪ: ”راز“ علي گل ڀٽو

سنڌ سڃاڻ سنگت ھڪ علمي ادبي ادارو آھي،ھن علمي ادبي اداري کي قائم ٿئي لڳ ڀڳ ڏھاڪو سالن جو ٿي ويو آھي،ھن اداري قائم ڪرڻ وارن دوستن جو بنيادي مقصد ھن نفسا نفسيءَ جي دؤر ۾ اڄ جي نوجوانن جي ھٿن ۾ڪتاب ڏيڻ آھي، جنھن ڪم لاءِ ھڪ اداري يا مرڪز جي ضرورت محسوس ڪئي وئي، ڇو ته اڄڪلهھ جي نوجوان کي قومي ترقي لاءِ قلم ۽ ڪتاب کڻائڻ لازمي آھي، ان لاءِ وري قلم ۽ ڪتاب وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت ھئي، ان سلسلي ۾ صدرالدين شيخ گمبٽ جي ڪجهھ علمي ادبي دوستن سان گڏجي سنڌ سڃاڻ سنگت گمبٽ جو بنياد وڌو، جنھن جي شروعات پندرھن روزه ادبي گڏجاڻين سان ڪئي وئي ۽ پڙھائي مرڪز قائم ڪيو ويو، ھي پڙھائي مرڪز ابتدا ۾ سڀيتا اڪيڊميءَ جي عمارت ۾قائم ڪيو ويو، ڪجهه دوستن جي شروع ٿيل گڏجاڻي ڪڏھن ڪڏھن وڏن ميڙاڪن ۾ به تبديل ٿي ويندي آھي، ھن مرڪز جي شروعات شاهه جي رسالي جي پڙھڻيءَ سان ڪئي وئي، مرڪز جي ھر گڏجاڻيءَ ۾ڪنھن ھڪ ڪتاب جو تعارف پڙھيو ويندو آھي ۽ ٻيو اسم ڪو اخباري ڪالم يا ڪنھن ڪتاب جو چونڊ ٽڪرو هوندو آھي،جنھن بعد شريڪ ساٿي انھن پڙھڻين تي پنھنجي راءِ ڏيندا آھن، اھڙي طرح ٻڌندڙن ۽ پڙھندڙن جي نون موضوعن ۽ تحريرن سان ڄاڻ ٿيندي آھي، علم جي پياس رکندڙ شاگردن ۽ نوجوانن جو وڏو انگ ھن سلسلي مان لاڀ حاصل ڪري رھيو آھي، مرڪز ۾ شاهه جي رسالي جي معنيٰ سميت پڙھڻي مڪمل ڪئي وئي، ان کانسواءِ سنڌي ادب ۽ تاريخ جي سوين ڪتابن ۽ ڪالمن جا ورق ورايا ويا آهن، ھيءَ پڙھائي مرڪز ڪيترائي سال ان حال ۽ قال ۾ رھيو، ان دؤران دوستن جي اھا ڪوشش رھي ته مرڪز لاءِ ڪا مستقل جاءِ ھٿ ڪئي وڃي، چوندا آھن ته تلاش سچي ھجي ته واھرو واھر ضرور ڪندو آھي، سو دوستن جي تمنا به ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو، گمبٽ جي ھڪ بزرگ ھستي، علمي ادبي شخصيت ۽ برک تعليمدان سيد علي گوھر شاهه بخاري جي چوڻ تي اطلاعات بابت اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر مشاھد حسين سيد پنھنجي حصي جي سالياني سرڪاري رقم مان ھڪ معقول ڪتب خاني جيتري عمارت ٺھرائي ڏني، جيڪا اڄ به پراڻي مارڪيٽ گمبٽ ۾ ڪاميابيءَ سان ”سيد علي گوھر شاهه بخاريءَ“ جي نالي سان ھلي رھي آھي، سائين علي گوھر شاهه شروعات ۾ پنھنجي ذاتي ڪتب خاني جا ڪتاب پنھنجي نالي سان ٺھيل ڪتب خاني ۾منتقل ڪيا، باقي فرنيچر، ڪتاب ۽ ٻيو ضروري سامان پنھنجي ھڙان ۽ وڙان ھٿ ڪيو ۽ اڃان به ڪندا رھن ٿا، ان سلسلي ۾ سائين علي گوھر شاهه جي پٽن سيد نور شاهه بخاري ۽ سيد سردار علي شاهه بخاري ڪتب خاني کي ڪافي ڪتاب عطيو ڪيا ۽ سندن سھڪار ۽ سرپرستي جاري آھي، ان سان گڏوگڏ ميونسپل ڪاميٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمين شيخ خالد حسين ايڊووڪيٽ به ڪتب خاني سان وڏو سھڪار ڪيو آھي، ھينئر به ڪتب خانو ميونسپل انتظاميا جو ٿورائتو آھي. ڪتب خاني ۾ موجود ھزارين انگ ۾ڪتاب مرڪز جي سنڀال ھيٺ آھن، پڙھندڙن لاءِ اخبارون ۽ رسالا روزانو موجود ھجن ٿا، جنھن مان شھري ۽ شاگرد وڏو لاڀ حاصل ڪن ٿا، ڪتب خانو ۽ پڙھائي مرڪز شھر جي وچ چؤسول ۾ قائم آھي، ڪتب خاني ۾ انگريزي، سنڌي ۽ اردو سان گڏ ڪجهھ عربي ۽ فارسي جا ڪتاب به موجود آھن، جن ۾ تاريخ، ادب، شاعري، سائنس، قرآن ڪريم جو تفسير ، جاگرافي ۽ ٻيا فنون لطيفه جا ڪتاب موجود آھن، اعليٰ چٽا ڀيٽيءَ جي تياري ڪرڻ وارن لاءِ به ڪافي مددي ڪتاب موجود آھن، ڪتب خاني کي ھر وقت ڪتابن جي ضرورت پوي ٿي، ان ڪري ڪتابن ۽ ٻئي ضروري سامان جو عطيو ڏيڻ وارن جي ھر وقت آجيان ڪئي ويندي آھي. سنڌ سڃاڻ سنگت جون پندرھن روزه ادبي ويھڪون پابنديءَ سان ٿينديون رھن ٿيون، انھن گڏجاڻين ۾ ھيل تائين سوين ڪتابن جو تعارف ڪرايو ويو آھي ۽ سوين ڪالم ۽ ڪتابن جا چونڊ ٽڪرا پڙھيا ويا آھن، جنھن سان علمي معلومات ۾ اضافو ۽ مطالعي جو ذوق پيدا ٿيو آھي، سنڌ سڃاڻ سنگت جي پڙھائي مرڪز پاران مختلف موضوعن تي 50 کان وڌيڪ سيمينار ۽ ليڪچر ڪرايا ويا آھن، جن کي وڏن عالمن ۽ ماھرن خطاب ڪري معلومات منتقل ڪئي آھي، ليڪچر ۽ سيمينار واري ڏينھن ٻڌندڙن جو وڏو انگ موجود ھوندو آھي، ٿوري عرصي ۾ سنگت جي پڙھائي مرڪز وڏو نالو ڪمايو آھي، ڪافي نوجوانن جون فضول مصروفيتون ختم ڪرائي کين مطالعي ڏانهن آندو ويو آهي، سنڌ سڃاڻ سنگت پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪتب خانو ۽ پڙھائي مرڪز ھلائي رھي آھي، ان سلسلي ۾علم ۽ ادب دوست شھرين جو تعاون ته آھي، پر ادارو اڃان وڌيڪ سھڪار جي اميد ۽ آس رکي ٿو، ھي علم دوست ۽ ڪتاب دوست ادارو آھي، جنھن جي اھميت جو احساس ادارو گھمڻ ۽ گڏجاڻيءَ ۾شرڪت کان پوءِ وڌيڪ ٿئي ٿو، بحث مباحثي ۽ علم اوتڻ جي ھيءَ جاءِ علم جي طالبن لاءِ ھر وقت ڪشش رکي ٿي، ھن ڪتب خاني کي وڌائڻ ۽ ويجھائڻ جي اڃان گھڻي گنجائش آھي، جيڪا شھر جي علم دوستن، چونڊيل نمائندن، ضلعي ۽ صوبائي حڪومت جي خاص ڌيان جي طالب آھي، ڏاھن سچ چيو آھي ته ”ڪتب خانا آباد ڪريو ته ٿاڻا ۽ جيل پاڻھي ويران ٿي ويندا“ ۽ سنڌ سڃاڻ سنگت به اھو ئي چاھي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو