272

سرڪلر ريلوي جي بحالي بابت سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي، نوٽيس جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ ريلوي جي خساري متعلق پاڻ مرادو ورتل نوٽيس  واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت سڳوري سرڪلر ريلوي جي بحالي متعلق عدالت جي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار  احمد چيو ته سرڪلر ريلوي جو بحالي جو ڪم ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻو هو ڇوته صرف هڪ اوور هيڊ برج  جي تعمير ۽ ٻيو ٿورو ڪم هو،  پ ر ايف ڊبيلو او سرڪلر ريلوي جي بحالي جو ڪم شروع  ڇو نه ڪيو آهي،  جنهن تي ڊي جي ايف ڊبليو او عدالت سڳوري کي ٻڌايو ته اسان ڊزائين تيار ڪئي هئي پر هن وقت تائين سنڌ حڪومت منظور ناهي ڪئي، جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته وزير اعلي کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيون ٿا، عدالت سڳوري نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن ۾ نوٽيس جو جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو، جنهن کان پوءِ عدالت جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو