ليکڪ: سليم صافي
سفارتڪاري صرف ۽ صرف قومي مفادن جي تحفظ جو نالو آهي، سڌي ريت اهو آهي ته ڪهڙو ملڪ اوهان جون ڪيتريون معاشي ضرورتون پوريون ڪري ٿو ۽ سفارتي يا اسٽريٽجڪ محاذ تي اوهان جو ڪيترو ساٿ ڏئي ٿو؟مثال طور اسان ان سان ڪڏهن به سروڪار رکيو آهي نه ئي رکڻ چاهيون ٿا ته چين جو اندروني نظام ڪيئن آهي ۽ ان جي معاشرت ڪهڙن نقطن تي بيٺل آهي؟ اهڙي طرح اسان کي پسند هجي يا نه هجي پر اسان کي ترڪي، سعودي عرب يا ملائيشيا وغيره جي اندروني نظام سان به ڪا دلچسپي نه هجڻ گهرجي ۽ نه اسان ڪڏهن رکي آهي.مطلب ته سفارتڪاري دنيا جو نازڪ ترين ڪم آهي، جنهن ۾ بليڪ ۽ وائيٽ انداز ۾ نٿو سوچي سگهجي، پر اوهان کي گري ايرياز مان پنهنجو رستو ڪڍڻو پوي ٿو، ڄاڻايل پئمانن تي پرکيان ٿو ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتون اسان لاءِ دنيا جا اهم ترين ملڪ بڻجي وڃن ٿا، ڇو ته اهي ٻئي ملڪ لکين پاڪستانين ۽ خاص ڪري غريب پاڪستانين جي رزق جو وسيلو ۽ پاڪستان لاءِ اربين رپين جي مٽاسٽا جو ذريعو آهن.انهن اسان لاءِ انڊيا سان ٽڪر نه ورتو پر جڏهن اسان انڊيا جي جواب ۾ ڌماڪا ڪيا ته سعودي عرب اسان جي مدد ڪئي. بدقسمتي اها ٿي ته گذريل ڪجهه سالن ۾ مڊل ايسٽ جي سياست ۽ معيشت ۾ وڏي تبديلي آئي، هڪ ته رڳو تيل تي سندن معيشت جي ڀاڙڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ لڳو پر عرب ملڪ مالي ڏکيائين جو شڪار ٿيڻ لڳا. ٻئي طرف عرب اسپرنگ کانپوءِ انهن کي اخوان المسلمين ۽ داعش وغيره جا خطرا سامهون اچڻ لڳا، اهڙي طرح ان جا پنهنجي هڪ عرب ملڪ قطر سان لاڳاپا نه صرف خراب ٿي ويا پر ان بابت سندس حساسيت انتهائي وڌي وئي، ايران سان ان جو تڪرار پراڻو آهي پر ان دوران ترڪي سعودي عرب جي مقابلي ۾ اچي ويو ۽ انهن اندروني ۽ ٻاهرين خطرن سبب سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات وغيره اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪرڻ لڳا، ايران سان انهن ملڪن جو تڪرار جيئن ته پراڻو هو، ان لاءِ پاڪستان جا تجربيڪار اڳوڻا حڪمران انهن ٻنهي جي وچ ۾ توازن قائم رکي ويٺا هئا پر ترڪي، قطر ۽ ملائيشيا سان انهن جو تڪرار نئون هو ۽ بدقسمتي سان ان دوران پاڪستان ۾ نوان ۽ ناتجربيڪار حڪمران آڏو آيا، ان لاءِ انهن فرق ۽ تفريق کان ڪم وٺي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ٻنهي کي ناراض ڪيو، افراط ۽ تفريط جو لفظ آئون سوچي سمجهي استعمال ڪري رهيو آهيان، ڇو ته بدقسمتي سان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ عمران خان سعودي عرب کي ميان نواز شريف ۽ گڏيل عرب امارتن کي آصف علي زرداري جو سرپرست سمجهندو هو. ان ڪري هو دل ۾ انهن ٻنهي ملڪن بابت هڪ ڪاوڙ رکندو هو ۽ يمن جي معاملي وقت هن راحيل شريف سان گڏجي نواز شريف لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ته هو سعودين جي اميدن تي پورو نه لهي سگهي، جنهن سبب سعودي عرب ۽ يو اي اي ميان صاحب کان سخت ناراض ٿي ويا.راحيل شريف ان وقت عربن کي اهو تاثر ڏنو ته هن ته مدد ڪرڻ چاهي ٿي پر نواز شريف ڪرڻ نه ڏني، پر عمران خان جو معاملو جيئن جو تيئن رهيو،اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ جنرل قمر جاويد باجوه سعودي عرب ۽ يو اي اي جي حڪمرانن سان عمران خان جي دوستي ته ڪرائي پر ظاهر آهي ته سفارتي نزاڪت ۽ عربن جي حساسيت کي ڪجهه ڏينهن ۾ سمجهائڻ ممڪن نه هو، عمران خان اهو نه سمجهي سگهيو ته موجوده ڏينهن ۾ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتون قطر ۽ ترڪي بابت ايران کان وڌيڪ حساس ٿي چڪا آهن، ان ڪري خان صاحب يو اين وڃڻ وقت پهريان ئي طيب اردوان سان گڏ وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو هو، جنهن تي سعودين ناراضگي ظاهر ڪئي ته طيب اردوان کي ڇڏي هن سعودي عرب جو رستو اختيار ڪيو ۽ اتان محمد بن سلمان جي جهاز ۾ آمريڪا ويو، پر اتي وڃي ترڪي، ملائيشيا ۽ ايران سان نئون اتحاد ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ثالثي ڪرائڻ جي حام هڻي ڇڏي، ان ڪري سعودي عرب سخت ناراض ٿيو ۽ کانئس جهاز به واپس گهرائي ورتو، هاڻي ٿيڻ ته اهو گهربو هو ته ڪوالالمپور ڪانفرنس کان اڳ معاملا درست ڪيا وڃن ها پر جڏهن کيس خبر پئي ته سعودي عرب سخت ردعمل ڏيکاريندو ته هو محمد بن سلمان کي پرچائڻ ان وٽ هليو ويو، پر هن پنهنجي موقف ۾ لچڪ نه ڏيکاري ۽ عمران خان ترڪي سان معذرت ڪري واپس پاڪستان موٽي آيو، عمران خان اهو اندازو نه ڪري سگهيو ته شاهه سلمان جي نسل تائين جو سعودي حڪمران اهي هئا جن تيل کان اڳ واري وقت کي ڏٺو هو ۽ اهي وڌيڪ روايت پسند هئا، ان لاءِ لاڳاپا ٺاهڻ ۽ بگاڙڻ ۾ قبائلي مروتن جو وڌيڪ خيال رکندا هئا، پر محمد بن سلمان جو نسل نين حالتن ۾ جوان ٿيو آهي، ترڪن ۽ ملائيشين جو مزاج الڳ آهي. کيس پاڪستان جون مجبوريون سمجهائي سگهجيون ٿي، پر ڪجهه عرصي کانپوءِ عمران خان پنهنجي ڪجهه عرب مخالف صلاحڪارن جي مشوري تي ملائيشيا وڃي پهتو ۽ اتي اهو اعلان ڪري ورتو ته ڪوالالمپور نه اچي هن غلطي ڪئي ۽ اهو ته هو ايندڙ سال ضرور ايندو، جنهن تي يقيني طور تي سعودي عرب ناراض ٿيڻو هو، ٻئي طرف سندس هڪ خاص وزير قطرين سان ڳجهيون ملاقاتون ڪري ۽ ڪاروباري منصوبا ٺاهيندو رهيو، هتان هو ترڪي جي ڊرامي ارطغرل کي پاڪستان جي سرڪاري ٽي وي تي ڏيکارڻ لڳو ۽ تقريرن ۾ بنا ڪنهن ضرورت جي طيب اردوان جون تعريفون ڪرڻ لڳو، جنهن سان سعودي عرب ۽ يو اي اي اهو تاثر ورتو ته شايد پاڪستان ترڪي جي ڪئمپ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي.ان ڪري هنن ڪجهه رقم واپس گهري ورتي، جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي خان صاحب شاهه محمود قريشي کان او آءِ سي جو متبادل فورم ٺاهڻ جو بيان ڏياري ڇڏيو،ان بيان ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪيو، ائين هرگز نه آهي ته معاملا پوائنٽ آف نو ريٽرن تائين وڃي چڪا آهن، پر بدقسمتي اها آهي ته هن وقت عملن پاڪستان ڪو پرڏيهي وزير نه آهي، پر خان صاحب پاڻ ئي پرڏيهي وزير به آهي. شاهه محمود قريشي صرف ترجماني ڪري ٿو، اهو معاملن کي سمجهي ٿو پر خان صاحب ۽ خان صاحب جي سرپرستن جي خوف کان ڪو قدم نٿو کڻي، رات جو خان صاحب پنهنجي سيڪريٽري ۽ هڪ وفاقي صلاحڪار وغيره سان گڏ ويهي جيڪڏهن ڪو منصوبو ٺاهي وٺي ٿو ته اهو صبح جو اسان جي پرڏيهي پاليسي بڻجي وڃي ٿو. موجوده ڏينهن ۾ اها خبر عام ڪئي وئي آهي ته يو اي اي پاڪستان لاءِ هر قسم جي ويزائن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته ويزا جاري ڪرڻ مڪمل طور تي بند نه ڪيون ويون آهن پر ڪجهه سختي ڪئي وئي آهي پر اسان جي پرڏيهي وزارت جو اهو حال آهي ته نه يو اي اي عملدارن سان ڳالهه ڪئي ۽ نه قوم کي اهو ٻڌائي سگهي ته ويزائن بابت حقيقي پاليسي ڇا آهي؟ موجوده حڪمران ته اقتدار ختم ٿيندي ئي آمريڪا، برطانيا ۽ ڪئناڊا هليا ويندا. پر جن لکين پاڪستانين جو معاشي مستقبل سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سان لاڳاپيل آهي انهن جو ڇا ٿيندو؟