205

ڪورونا ۽ اتفاق راءِ جو سوال..؟؟

ايڊيٽوريل

ڪورونا جي ٻي لهر ۾ تيزي سان واڌ اچي رهي آهي، سرڪاري طور تي هن مهل تائين جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 59 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، چيو وڃي ٿو ته گذريل 4 مهينن دوران هڪ ڏينهن اندر ايترا ڪيس پهريون ڀيرو سامهون آيا آهن، ملڪ اندر ڪورونا بابت انگ اکر ٻڌائيندڙ سرڪاري ويب سائيٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 41583 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 3009 ماڻهن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ اندر ڪورونا ڪيترو تيزي سان وڌي رهي آهي، چيو وڃي ٿو ته ان صورتحال  ۾ اڃا به واڌ اچي سگهي ٿي، سنڌ ۾ ڪورونا جا ڪيسن جو مجموعي تعداد 166033 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته 2858 ماڻهو هن مهل تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪورونا جي ڪل مريضن جو تعداد 115786 آهي، جن مان 2904 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 16891 آهي ۽ 184 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. خيبر پختونخواهه ۾ 45314 ماڻهو  ڪورونا ۾ مبتلا ۽ 1339 فوت ٿي چڪا آهن، آزاد ڪشمير ۾ 6316 ماڻهو وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن، جن مان 151 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. گلگت بلتستان ۾ پڻ ڪورونا موجود آهي ۽ اتي مريضن جو تعداد 4573 آهي ۽ 96 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. اسلام آباد ۾ پڻ 27979 ماڻهو ڪورونا جو شڪار آهن ۽ 291 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، اهڙي صورتحال سبب وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ اڄ کان اسڪول بند ڪيا آهن، جن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، في الحال 10 جنوري تائين اسڪول بند ڪيا ويا آهن ۽ سرڪار جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ته نئون فيصلو به ڪري سگهجي ٿو. حڪومت طرفان ڪورونا کان عوام کي بچائڻ لاءِ ڀرپور مهم هلائي پئي وڃي ۽ بار بار ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت طرفان پڻ ان سلسلي ۾ عوامي جاڳرتا جي مهم تيزي سان هلي رهي آهي. ميڊيا وارا پڻ ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پر ڏک جي اها ڳالهه آهي ته ايس او پيز تي هن مهل تائين ائين عمل نه ٿي رهيو آهي، جيئن ٿيڻ گهرجي. مجموعي طور تي 25 سيڪڙو تائين ماڻهو ايس او پيز تي عمل ڪري رهيا آهن  ۽ اهو به ماسڪ پائڻ جي حد تائين آهي. اها به بدقسمتي آهي ته ملڪ اندر هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا تي وفاق ۽ صوبن يا سياسي ڌرين ۾ ڪو به اتفاق راءِ ناهي ۽ الڳ الڳ فيصلا ڪيا پيا وڃن. توڙي جو  وفاقي سطح تي صوبائي حڪومتون اجلاس ۾ شرڪت ڪن ٿيون پر فيصلا الڳ الڳ ڪيا پيا وڃن. اسڪولن جي مسئلي تي پڻ سنڌ حڪومت پنهنجو الڳ موقف به اختيار ڪيو هو، ان سلسلي ۾ حڪومت جو پنهنجو موقف آهي ۽ مخالف ڌر جو وري پنهنجو موقف آهي، سرڪار جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سياسي جلسا جاري رهيا ته ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڏي تباهي ايندي، تنهن ڪري مخالف ڌر کي پنهنجا جلسا بند ڪرڻ گهرجن، وزيراعظم عمران خان سميت وفاقي وزير بار بار مخالف ڌر کي خبردار ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن جلسا بند نه ڪيا ويا ته جلسن جو انتظام ڪندڙن ۽ مک ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرايا ويندا، اربع واري ڏهاڙي به اطلاعات واري وفاقي وزير اهڙي قسم جو بيان جاري ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پڻ فيڪٽرين ۽ ڪاروبار کي بند ڪري جو تاثر رد ڪندي واضح لفظن ۾ چيو آهي ته مخالف ڌر ڪورونا ڦهلائڻ جو ذريعو بڻجي رهي آهي، جيڪڏهن اهي جلسا بند نه ڪندا ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ پئجي وينديون، جڏهن ته مخالف ڌر طرفان بلاول ڀٽو جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر پهريون ڀيرو اهو بيان جاري ڪيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم عمران خان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ نواز شريف کي فون ڪري ته ان مسئلي تي غور ڪري سگهجي ٿو، بهرحال اها حقيقت آهي ته ڪورونا بابت اتفاق راءِ سان فيصلا ٿين ته اهي وڌيڪ اثرائتا ٿيندا. مخالف ڌر هڪ قدم اڳتي وڌائيندي پنهنجي موقف ۾ لچڪ آندي آهي تنهن ڪري حڪومت کي به گهرجي ته ان معاملي تي عملي طور وک وڌائي، ڳالهين وسيلي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.موجوده حالتن جي اها گهرج آهي ته ڪورونا کان بچڻ لاءِ اتفاق راءِ سان فيصلا ٿين ته اهي وڌيڪ اثرائتا ثابت ٿيندا، اميد ڪريون ٿا ته سموريون ڌريون هن نازڪ دور ۾ درست فيصلا ڪنديون ۽ اتفاق راءِ جو ماحول قائم ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو