298

نيوزيلينڊ پهتل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا 6 رانديگر موذي مرض ڪورونا ۾ مبتلا ، صحت کاتي طرفان وارننگ جاري

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پهتل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا 6 رانديگر موذي مرض ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، عالمي ميڊيا جي رپورٽن مطابق نيوزي لينڊ ۾ موجود قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي 6 رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي، نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظاميه تصديق ڪندي اهو به چيو آهي ته پاڪستان اسڪواڊ جا 6 ميمبرن پاڻ کي آئسوليٽ ڪرڻ بجاءِ ايس او پيز جي خلاف ورزي به ڪئي آهي. جنهن تي نيوزيلينڊ جي صحت واري وزارت کين آخري چتاءُ به ڏنو آهي، ڪرڪيٽ اسڪواڊ ۾ ڪرائسٽ چرچ پهچڻ شرط پهرئين ڏينهن تي ڪووڊ 19 جي ٽيسٽ ورتي وئي هئي،  ميڊيا رپورٽ مطابق ڪورونا ۾ مبتلا 6 ڄڻن مان 2 ڄڻا اڳ ۾ ئي ڪورونا وائرس جي هسٽري رکندڙ هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو