263

سوڊان جو اڳوڻو وزيراعظم ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو

خرطوم (ويب ڊيسڪ) سوڊان جو اڳوڻو وزيراعظم ڪورونا وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. رپورٽن مطابق سوڊان جو اڳوڻو وزيراعظم 84 ورهين جو صادق المهدي گذريل ٽن هفتن کان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هو ۽ گڏيل عرب امارات جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، جتي هو  اڄ خميس ڏهاڙي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. صادق المهدي سوڊان جو آخري چونڊيل جمهوري وزيراعظم هو، جنهن کي 1989ع ۾ سوڊان جي اڳوڻي فوجي صدر عمر البشير اقتدار مان ڪڍيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو