262

اسلام آباد : پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن سوڌو 181 ملازم ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وفاقي گادي واري شهر  اسلام آباد  ۾ موجود پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن سوڌو 181 ملازم ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،  پمز اسپتال جي جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منهاج ملازمن کي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي ڊاڪٽر منهاج  جو چوڻ هو ته متاثر ٿيندڙ سمورن 181 ملازمن کي قرنطينه ڪيو ويو آهي ۽ اسپتال جي عملي ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي آهي، هن  جو چوڻ هو ته ڪورونا جا نوان وارڊ کولڻ جي لاءِ وڌيڪ ڊاڪٽر ، نرسون  ۽ ٻيون عملو گهربل آهي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو