برازيل (ويب ڊيسڪ) برزايل ۾ ٽن ورهين جي ٻارڙي پنهنجي امڙ جي سمارٽ فون تان 12 هزار رپين (402 برازيلين ڊالر) جي کاڌي جو آرڊر ڪري ڇڏيو. ٻارڙن جي هٿن ۾ سمارٽ فون ڏيندڙ والدين خبردار ٿي وڃن ڇاڪاڻ ته اوهان سان به ائين ٿي سگهي ٿو جيئن برزايل جي عورت سان ٿيو. برازيل ۾ ٽن سالن جي ٻارڙي پنهنجي امڙ جي موبائل هٿ ۾ ايندي ئي ايپ ۾ نظر ايندڙ مختلف پروموشنل آفرز تي لڳاتار آرڊر ڪري ڇڏيا، ان هڪ ميل نه پر 8 پروموشنل ميل، 6 هيپي ميل، 8 رانديڪا ۽ پاڻي جي 8 بوتلن لاءِ ميل ڪئي. دلچسپ جهڙي ڳالهه اها آهي ته اهي سڀ شيون اچڻ باوجود ٻار پنهنجو من پسند رانديڪو نه ملڻ تي اداس ٿي ويو.
274