اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ناظم الامور گورو اهلو وآله کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري 25 نومبر تي قابض ڀارتي فوج طرفان لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) جي باغ سر سيڪٽر ۾ جنگ بندي جي بنا جواز ڀڃڪڙين تي شديد احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو. ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ 33 سالن جو بي گناهه شهري شهيد ٿي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاجي خط هن حوالي ڪيو ۽ چيو ته قابض ڀارتي فوج ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري جي مسلسل ڀڃڪڙيون ڪندي آرٽلري، ڳرن ۽ خودڪار هٿيارن ذريعي عام شهري آبادين کي نشانو بڻائي رهي آهي. ڀارتي ناظم الامور کي ٻڌايو ويو ته شهري آبادين کي نشانو بڻائڻ انتهائي افسوس جوڳو، انساني عظمت ۽ وقار، عالمي انساني حقن ۽ بين الاقوامي انساني قانونن جي خلاف آهي. ڀارت طرفان جنگ بندي جي انهن ڀڃڪڙين سان علاقائي امن ۽ سلامتي کي سنگين خطرا درپيش آهن جنهن جو نتيجو اسٽريٽجڪ غلطي جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو. ڀارت هلندڙ سال دوران 2840 ڀيرا بنا جواز جنگ بندي جون ڀڃڪڙيون ڪيون آهن، جن ۾ 27 بي گناهه شهري شهيد ۽ 245 زخمي ٿيا آهن. ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو ته ايل او سي تي ڇڪتاڻ ۾ اضافي سان ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ ظلم تان عالمي ڌيان هٽائي نٿو سگهي. ڀارت تي زور ڏنو ويو ته هو 2003ع جي جنگ بندي معاهدي جي پاسداري ڪري، جنگ بندي جي ڀڃڪڙين جي انهن واقعن جي جاچ ڪرائي، ڀارتي فوج کي جنگ بندي جي احترام جو حڪم ڏي، ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ان جي روح مطابق امن برقرار رکي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق ڀارت گڏيل قومن جي فوجي تبصرو ڪندڙن (يو اين ايم او جي آءِ پي) کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اجازت ڏي.
173