برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ لاڳو پابندين ۾ جنوري جي شروعات تائين توسيع جو فيصلو ڪيو آهي. جرمن چانسلر انجيلا مرڪل جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪووڊ-19 انفيڪشن جي واقعن ۾ في الحال ڪنهن وڏي گهٽتائي جي توقع ناهي. 16 رياستن جي سربراهن سان ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت نومبر جي شروعات ۾ نجي ميڙاڪن کي محدود ڪرڻ، ريٽورنٽس، تفريحي هنڌن ۽ ثقافتي مرڪزن جي بندش سميت ڪيترائي قدم متعارف ڪرايا هئا. هن چيو ته انفيڪشن جي موجوده شرح کي نظر ۾ رکندي اهي پابنديون هاڻي 20 ڊسمبر تائين لاڳو رهنديون پر خدشو آهي ته انفيڪشن جي واقعن ۾ غير متوقع گهٽتائي نه اچڻ سبب پابنديون جنوري جي شروعات تائين وڌائڻيون پون.
263