280

ور شهر جي درگاهه جانو شاهه بخاري ۽ قديمي قبرستان ۾ جانورن ۽ رولو ڪتن ديرا ڄمائي ڇڏيا، مزارن جي بيحرمتي، رهواسي پريشان

گھوڙاٻاري (ن سوڀ) ور شهر جي مشھور درگاھ ۽ قديمي قبرستان جانو شاھ بخاري جي چوديواري ٽٽڻ ڪري رولو ڪتن ۽ گڏھن جو آستان بڻجي وئي آھي، انتظاميا جي لاپرواھي ۽ ڪن لاٽار سبب ھر طرف گند ۽ ڪچري جا ڍير نظر اچڻ لڳا آھن، ڪچرو وڌي وڃڻ ڪري نانگ ۽ بلائن جو خطرو به آھي، قديمي قبرستان مان ماڻھن جي اچڻ وڃڻ جو رستو ھجڻ ڪري معصوم ٻارن ۽ ٻين ماڻھن جون رولو ڪتن جو آستان ھجڻ سبب ھر وقت زندگيون داءَ تي لڳل رھن ٿيون، ھتان جي انتظاميه جي لاڳيتو لاپرواھي، ڪن لاٽار ۽ بي ڌياني سبب ھڪ طرف رولو ڪتن ۽ گڏھن جو آستان ھجڻ ڪري ھڪ طرف بزرگن ۽ پيرن ولين جي مزارن جي رولو ڪتن ۽ گڏھن  سبب بي حرمتي ٿي رھي آھي ته ٻئي طرف ڪنھن به وقت ڪو رولو ڪتن جي ڏاڙھڻ جو واقعو پيش اچي سگھي ٿو، ان لاءِ ھتان جي شھرين ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن  چونڊيل نمائندن، سنڌ حڪومت ۽ ڊي سي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آھي ته ترت نوٽيس وٺي قديمي قبرستان جانو شاھ بخاري جي ڊٺل چوديواري ٺھرائي ڏني وڃي ته جيئن قبرستان ۾  ھميشه لاءِ آرامي ٿيل معزز بزرگن پيرن ۽ ولين جون مزارون بيحرمتي کان بچي سگهن ۽ درگاھ جانو شاھ  بخاري ۽ قبرستان ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻھن ۽ معصوم ٻارن جون زندگيون به محفوظ بڻجي سگھن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو