262

بڊاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

بڊاڻي (ن سوڀ) مياڻي ايٽ بڊاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ دائم سولنگي ۾ جوابدارن گوليون هڻي 40 ورهين جي لياقت سولنگي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته لياقت علي پنهنجي زمين تي بيٺو هو جتي ٽريڪٽر ڪم ڪري پيو ته اوچتو جوابدارن معاروف سولنگي، معشوق سولنگي ۽ حمزو سولنگي پسٽل جا فائر ڪري  لياقت سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته اهڙي اطلاع ملڻ بعد حد جي پوليس مياڻي ايٽ بڊاڻي واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ٿاڻي تي آندو، جتان اسپتال منتقل ڪري ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو