187

سمارٽ لاڪ ڊائون واري پاليسيءَ سبب ملڪ جي معيشت وڌيڪ بهتري طرف وڃي رهي آهي: حفيظ شيخ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي ناڻي ۽ ڍل بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسيءَ سبب پاڪستان جي معيشت بحالي جي راهه تي گامزن ٿي وئي آهي. هن اها ڳالهه هتي پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽرنر سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم جي مشير برطانيه جي هاءِ ڪمشنر کي ڪورونا وائرس جي ناڪاري اثرن کي گهٽائڻ ۽ معاشري جي غريب طبقي کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. هن برطانيه جي هاءِ ڪمشنر کي پاڪستان جي اقتصادي معيشت جي باري ۾ پڻ بريفنگ ڏني. هن چيو ته حڪومتي قدمن سبب ناڻي اوسر ۾ واڌ ٿي رهي آهي، سنئين سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري وڌي رهي آهي. ڍل جي اوڳاڙي ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته جاري مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ حسابن جا کاتا فاضل ٿي ويا آهن. ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي جنهن ۾ ماڻهن جي زندگين کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معيشت کي پڻ روان دوان رکيو ويو آهي. سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي سبب پاڪستان جي معيشت بحالي جي راهه تي گامزن ٿي چڪي آهي. برطانيه جي هاءِ ڪمشنر پاڪستان جي شهرين تي عالمي وبا جا معاشي ۽ سماجي اثر گهٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ برطانيه جي حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم جي مشير معاونت جي آڇ ڪرڻ تي برطانيه جي هاءِ ڪمشنر جو ٿورو مڃيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو