263

آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ احد چيما جي گهر واري سوڌو ٻين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيما خلاف ڪيس ۾ هن جي گهر واري ۽ والده سميت ٻين جا ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا آهن. عدالت انويسٽيگيشن آفيسر کي سمورين بي نامي ۽ انهن کي گرفتار ڪري 30 نومبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. احتساب عدالت جي جج امجد نذير چوڌري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت قرار ڏنو ته عدالتي حڪمن جي تعميل لاءِ سمورن ادارن ۽ ايجنسين جي معاونت حاصل ڪري سگهجي ٿي. عدالتي ٻڌڻي تي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيمه کي جوڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو