نوابشاهه (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ جيل نوابشاھ جو قيدي 55 سالن جو عبدالوهاب بروهي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه جي ميڊيڪل وارڊ 2 ۾ وفات ڪري ويو. ان سلسلي ۾ جيلر غلام رسول مشوري ٻڌايو ته قيدي عبدالوهاب بروهي 20 آگسٽ 20 تي قتل ڪيس ۾ جيل آيو، قيدي عبدالوهاب بروهي ھپاٽائيٽس جي بيماري۾ ورتل ھو، سندس علاج ھلندڙ ھو، 3 ڏينهن اڳ کيس پيپلز ميڊيڪل اسپتال ۾داخل ڪيو ويو ھو جتي اڄ فوت ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي قيدي عبدالوهاب بروهي جي پٽ سڪندر بروهي چيو ته کڏھر ٿاڻي تي منھنجي والد مٿان قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، اسان جو پنھنجي برادري جي ماڻهن سان مسئلو ھلندڙ آھي.
289