نواب ولي محمد (ن سوڀ) نواب ولي محمد ڀرسان قومي شاهراهه تي علي آباد اسٽاپ وٽ مسافر ڪوچ اورٽيڪنگ ڪندي تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب 8 ماڻهو زخمي ٿي پيا، زخمين شامل 4 ورهين جي ٻارڙي فائزا کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ موٽر وي پوليس قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو، جتي هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي آهي. مسافر ڪوچ ڪراچي کان ڪوهاٽ وڃي رهي هئي ته ساڻس حادثو پيش آيو.
