183

پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي خوشگوار ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: اسد قيصر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي خوشگوار ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان کي سعودي عرب سان پنهنجي سدابهار دوستي تي فخر آهي. سعودي عرب پاڪستان ۾ سماجي ترقي جي لاءِ سدائين وڏي دل سان مدد ڪئي آهي. سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ تاثر ساراهه جوڳا آهن. مسلمان دنيا کي درپيش چئلينجن جي لاءِ يڪجهتي وقت جي اهم ضرورت آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن ۾ مسلسل رابطا ٻنهي ڀائرن ملڪن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پاڪستان سڀني پاڙيسري ملڪن سان خوشگوار لاڳاپا چاهي ٿو ۽ سڀئي حل طلب معاملن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. سعودي عرب ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ترڪ صدر رجب اردوان جي وچ ۾ ٿيندڙ رابطا خوش آئنده آهن. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ معاشي ۽ سماجي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. سعودي سفير چيو ته سعودي عرب پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ سچو دوست ۽ ڀاءُ تصور ڪري ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو رشتو هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيو آهي. پاڪستاني پارلياماني وفد جي تازو ئي سعودي عرب جي دوري سان ٻطرفي تعاون جون نيون راهون کلنديون. سعودي سفير اسپيڪر کي سعودي عرب پاران پاڪستان ۾ سماجي شعبي ۾ تعاون کي جاري رکڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستاني سعودي عرب جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. نوان ليبر قانون لاڳو ٿيڻ سان سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ سهولتون پيدا ٿينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو